پ پ کي سنڌ حڪومت ڏيڻ عيوض سنڌ جون زمينون ورتيون ويون: زين شاهه

سڪرنڊ ( ن ع آ) ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته رياستي ادارن جا سربراهه صرف پئسو ڪمائڻ چاهين ٿا. سڪرنڊ جي سماجي شخصيت ۽ ايس يو پي اڳواڻ  شوڪت حسين ميمڻ جي ڏنل افطار ڊنر جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽبلشمينٽ ۽ رياستي ادارن جا سربراه چاهي فوج هجي يا عدليا هاڻ انهن جي سوچ آهي ته رٽائرمينٽ کان پهريان وڌ کان وڌ پئسو ڪمايو وڃي ان لاء هنن پ پ ۽ ن ليگ سان ڳٺ جوڙ ڪري ڪرپشن ۽ ڌانڌلين ذريعي کين کٽرايو آهي, عمران خان سان وڏي  ناانصافي ڪئي پئي وڃي, اسٽبلشمينٽ جي خلاف اڳ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نفرت جو اظهار ڪيو ويندو هو هاڻ خيبرپختونخواه ۾ به نفرت وڌي وئي آهي, هن اليڪشن جي ته ٻاهرين ملڪن ۾ خواري ٿي آهي ته اليڪشن مشڪوڪ ۽ ڌانڌلي واري ٿي آهي, پ پ کي سنڌ حڪومت ڏيڻ عيوض سنڌ جون زمينون ورتيون ويون آهن. سيد زين شاهه چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو عمل اسٽبلشمينٽ هٿ سان روڪرايو, ان موقعي تي شوڪت حسين ميمڻ , حاجي نظام ميمڻ , عمران ڪيريو , عبدالله ميمڻ , اياز لغاري ۽ ٻيا موجود هئا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.