اسلام آباد انتظاميا جو تحريڪ انصاف کي 30 مارچ تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد تحريڪ انصاف کي 30 مارچ تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جلسي جي درخواست پي ٽي آءِ جي ريجنل صدر عامر مسعود مغل ڏني هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي سي اسلام آباد کي ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
پر ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد امن امان جي صورتحال کي جواز بڻائي پي ٽي آءِ جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مسعود مغل ان معاملي تي ٻيهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو اعلان ڪيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن حڪمران اسلام آباد ۾ به جلسي کي سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهن ته کين اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.