اڳ بھ ھڪ ڪالم ۾ مون عرض ڪيو هو ته ”بدقسمتي سان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي،جيڪي سيڙپڪاريءَ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن، اهي هتي جي سياسي جماعتن جي اوليتن ۾ شامل نه آهن. ھنن اھو ڪم فوج حوالي ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ طالبان جو مسئلو جئين جو تئين آهي،اھي پنهنجي تنظيم کي ٻيهر منظم ڪري رهيا آهن، ڪراچي تائين يونٽ قائم ڪري چڪا آهن“.
خيبرپختونخواهه ۾ روزاني جي بنياد تي پوليس کي ٽارگيٽ ڪلنگ بڻايو پيو وڃي. پر خدا جي فضل سان دهشتگرديءَ جي ڪا وڏي ڪارروائي نه ٿي آهي، ان ڪري اسان ان معاملي کي وساري ويٺا آهيون. ڪا خبر ناهي ته حڪومت جي ان حوالي سان ڪهڙي پاليسي آهي ؟ ڇا افغان طالبان سان گڏجي ان جو ڪو سياسي حل ڳوليو پيو وڃي يا ڪا ٻي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي؟ ڪنهن کي به ڪا خبر ناهي. ٻئي طرف بلوچ ويڙهاڪ آهن جن جو خاص نشانو پرڏيهي سيڙپڪار بڻجي رھيا آهن. هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت انهن لاءِ معافي جو تھ اعلان ڪيو آهي پر ان حوالي سان ڪا جامع سياسي حڪمت عملي جي کوٽ آھي. اهڙين حالتن ۾ پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان اچڻ بھ چاهين ته ڪيئن ايندا ۽ جيستائين سيڙپڪاري نه ايندي، تيستائين معيشت بهتر نه ٿي سگهندي“.
ڳالھ جو خلاصو اهو هو ته الهندي سرحد تي حالتون خراب تر آهن ۽ هر روز دهشتگردي جا واقعا ٿين رھيا آھن، پر جئين تھ ڪا وڏي ڪارروائي نھ ٿي آھي، ته اسان ان کي وساري ويٺا آهيون. بدقسمتيءَ سان منھنجي ان لکڻ جي ٻئي ڏينهن وڏي ڪارروئا بھ ٿي وئي ۽ مير علي ۾ ٽي ٽي پي هڪ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ٻن آفيسرن ۽ ڪيترن ئي جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ويڙهه جاري رھي.
ان جي بدلي لاءِ ٻئي ڏينهن پاڪستاني فورسز افغان سرحد پار ڪارروائي ڪري مبينا طور تي مير علي ڪارروائي جي ذميوارن کي ماريو ڇڏيو، بھرحال، ٽي ٽي پي جي دعويٰ آهي ته ان جو ڪوبه اڳواڻ نھ ماريو ويو آھي ۽ ڪارروائي ۾پاڪستان مان ھجرت ڪري آيال مهاجر نشانو بڻيا آھن. اهڙي ڪارروائي تي افغان پرڏيهي وزارت افغانستان جي صوبي پڪتيڪا ۽ خوست تي پاڪستاني فوج جي حملن جي نتيجي ۾ مبينا طور عورتن ۽ ٻارن جي شهادت جي ردعمل ۾ ڪابل ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي سربراھ کي طلب ڪري احتجاجي خط اماڻيو.
اسلاميه جي پرڏيهي وزارت حملن جي مذمت ڪندي پاڪستان کي آگاهه ڪيو ته افغانستان جي اسلامي امارت کي دنيا جي سپر پاورز خلاف آزادي لاءِ وڙهڻ جو ڊگهو تجربو آهي ۽ اها پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به قسم جي جارحيت کي برداشت نٿي ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو آهي ته پاڪستان جي مسلسل احتجاج باوجود افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي ۽ اسلامي امارتن ۾ شامل ڪجهه عنصر ٽي ٽي پي کي پراڪسي طور استعمال ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان، افغان عوام تمام گهڻو عزير رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو، ان ڪري مسلسل ڳالهين ذريعي اسلامي امارت تي زور ڏيندو رهيو آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي.
مٿين صورتحال کي ڏسجي تھ نه رڳو تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگ جي حالت ۾ آهي پر هاڻي امارات اسلامي به جنگ طرف وڌي رهي آهن. ڪجهه رپورٽن موجب اسلامي امارات پاڪستاني سرحد جي ويجهو هٿيارن کي منتقل ڪري رهي آهي. ٻئي طرف، جئين مون اڳ لکيو ھو تھ ڪو اهڙو ڏينهن نٿو گذري، جو ٽي ٽي پي ڪنهن پوليس اهلڪار يا سپاهي کي ٽارگيٽ ڪلنگ نه ڪندي هجي. ڄڻ ته هن ملڪ جو هڪ صوبو جنگ جي حالت ۾ آهي، پر باقي ملڪ کي هن جنگ جو احساس ناهي ۽ نه ئي هن صوبي کي هلائڻ وارن کي ڪو احساس آھي. هتي اندروني سياست ۽ ھڪ ٻئي سان جھيڙو غالب آهي. رياست رڳو فائر فائيٽ تي هلي رهي آهي، مسئلي جي مستقل حل لاءِ ڪو به رستو نه پيو ڳوليو وڃي.وري جڏھن ڪو واقعو ٿئي ٿو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ مخالفت وارن بيانن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.
سوال اهو آهي ته ڇا ڪيو وڃي ؟.منهنجي ناقص راءِ موجب ان مسئلي تي فوري طور تي ڌيان ڏنو وڃي ان کي گھڻ مسئلن مان هڪ مسئلو نھ پر سمورن مسئلن کان اھم سمجھيو وڃي. مان طاقت جي استعمال جي حق ۾ اڳ بھ نھ هئس ۽ هاڻي بھ نه آهيان، پر جنھن طريقي سان ڳالهيون ڪيون ويون آھن ، مان ان جي حق ۾ بھ نھ آھيان. پر مسئلي جو حل جامع ڳالهين کي سمجهان ٿو.
ڳالهين جون ڪيتريون ئي شڪلون ۽ قسم ٿين ٿا۽ اھو ڏٺو وڃي ڳالھيون ڪنھن جون ڪنھن سان ٿي رهيون آھن. ضروري ناهي ته گذريل ڳالهين جو نتيجو سٺو نه نڪتو هو ته پوءِ ھاڻوڪين ڳالهين جو نتيجو به سٺو نه نڪرندو، ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته مسئلي جي سمورن پاسن کي سمجھندڙ ماڻهن جي هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي انھن معرفت ڳجھا ۽ کليل ھر طرح جا مذاڪرات ڪيا وڃن. افغان طالبان وارن وٽ عزت ۽ احترام رکندڙ ماڻهن کي به ان جو حصو بڻايو وڃي ۽ ٽي ٽي پي، جي ماڻهن کي به عزت سان جيئڻ جو رستو ڏنو وڃي.
اسان وٽ اهو عجيب تضاد پڻ آهي ته جيڪڏهن بلوچ ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا ڪري پرامن زندگي گذارين ٿا ته هر طرف کان واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، پر جڏهن اسلامي ويڙهاڪن سان صلح جي ڳالهه ٿئي ٿي ته هر طرف کان انهن خلاف آواز اٿڻ شروع ٿي وڃي ٿو.
ڏسجي تھ نه رڳو تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگ جي حالت ۾ آهي پر هاڻي امارات اسلامي به جنگ طرف وڌي رهي آهن. ڪجهه رپورٽن موجب اسلامي امارات پاڪستاني سرحد جي ويجهو هٿيارن کي منتقل ڪري رهي آهي. ٻئي طرف، جئين مون اڳ لکيو ھو تھ ڪو اهڙو ڏينهن نٿو گذري، جو ٽي ٽي پي ڪنهن پوليس اهلڪار يا سپاهي کي ٽارگيٽ ڪلنگ نه ڪندي هجي. ڄڻ ته هن ملڪ جو هڪ صوبو جنگ جي حالت ۾ آهي، پر باقي ملڪ کي هن جنگ جو احساس ناهي ۽ نه ئي هن صوبي کي هلائڻ وارن کي ڪو احساس آھي.