ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ منصوبا بندي، وقت جي ضرورت

تحرير : غلام حسين جوڻو

هن وقت وزير اعظم تي ڪجهه وڌيڪ ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون. انهيءَ کي ملڪي مسئلا حل ڪرڻ جو چئلينج آهي. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ کيس محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندرو ٻڌڻو پوندو. عوام کي سهولتون ڏيڻ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهن تي وٺي هلڻ لاءِ حتي المقدور ڪوشش ڪرڻي پوندي. خاص مسئلو اهو آهي ته ، ملڪي معيشت جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. ملڪ بيروني قرضن تي هلي پيو. آءِ ايم ايف جي قرضن کي به منهن ڏيڻو اٿس. آءِ ايم ايف جي قرضن جي واپسي جو مسئلو به وڏي اهميت رکي ٿو. هن وقت ملڪ جي جيڪا حالت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته ، ملڪ آءِ ايم ايف جي قرضن جي سهاري تي هلي رهيو آهي. جنهن ڪري حڪومت ، ان جا ڳرا شرط قبول ڪري پئي. انهن شرطن کي پورو ڪرڻ سان عوام تي بوجهه ۽ بار پوي ٿو. مهانگائي وڌي رهي آهي. ملڪ ۾ غربت جي شرح به تيزي سان وڌندي پئي وڃي. غريب ، غريب ترين ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري معاشري تي ناڪاري ۽ منفي اثر پئجي رهيا آهن. ان صورت ۾ صحتمند معاشرو قائم ٿي نه ٿو سگهي. آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري عوام مونجهاري جو شڪار آهي.

تازو ، شهباز شريف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ، “حڪومتي خرچ گهٽائينداسين. غريب عوام جا وڌيڪ پئسا ضايع نه ٿيندا. مهانگائي گهٽائڻ ، غربت جي خامتي ۽ روزگار جي فراهمي تي ٻڌل روڊ ميپ تيار ڪري چڪا آهيون. ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ وڃائڻ کان سواءِ منصوبن تي عملدرآمد کي يقني بنايو ويندو. سندس اهو اهم بيان آهي. جيڪڏهن حڪومتي خرچ گهٽايا ويا. وزيرن ، چونڊيل نمائندن ۽ انهن جي پروٽوڪول تي ٿيندڙ خرچ گهٽ ڪيا ويا ۽ اها رقم غريب عوام جي فلاح و بهبود تي خرچ ڪئي وڃي ته آئون سمجهان ٿو ته ، عوام کي چڱو رليف ملي سگهي ٿو. ايئن ڪرڻ سان عوام جا ڪجهه مسئلا حل ٿيڻ جي اميد پيدا ٿئي ٿي. وزير اعظم جي ان بيان تي شڪ ته ڪونه ٿو ڪري سگهجي. ان جو سبب اهو آهي ته ، هر حڪمران جي اها خواهش رهي ٿي ته ، سندس ملڪ ترقي ڪري ۽ ان جي معيشت مضبوط کان مضبوط تر ۽ سگهاري هجي. ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ۽ دوش بدوش ٿي اڳتي وڌي. اهو ڪم رڳو بيان بازي سان هر گز ڪونه ٿو ٿي سگهي پر، ان لاءِ محنت ، صداقت ۽ سچائي جو هجڻ لازمي آهي. ٻئي حالت ۾ گهربل نتيجا ملي ڪونه ٿا سگهن. ان لاءِ عملي اپائن جي ضرورت پوي ٿي. تڏهن وڃي ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن ٿيندي ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي. ٻاهرين ملڪن سان اهڙا معاهدا ڪرڻ جي به ضرورت آهي. جيڪي ملڪ جي مفادن وٽان هجن. وزير اعظم اها ڳالهه چئي آهي ته ، حڪومتي خرچ گهٽايو ويندو. پر، حڪومت جا شاهي خرچ تمام گهڻا آهن. هر هڪ وزير کي گهڻيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن. چونڊيل نمائندن کي به کوڙ ساريون مراعتون ملي رهيون آهن. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، اهي مراعتون ۽ سهولتون گهٽايون وينديون يا مورڳو ختم ڪيون وينديون. مراعتن واري رقم عوام تي خرچ ڪئي ويندي يا اهو ، هڪ اعلان آهي. ان تي عملدرآمد ڪونه ڪيو ويندو. ان باري ۾ هن وقت ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. پر، سڄي صورتحال ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندي. ملڪ جي صدر آصف علي زرداري به پنهنجي پگهار نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو پئسو به ملڪ جي بدحال ماڻهن تي خرچ ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام بدحالي واري زندگي مان نڪري خوشحالي جي طرف وڃي سگهي. سندس اهو قدم يقينن ساراهه جوڳو آهي.

جيئن ، آئون مٿي لکي آيو آهيان ته ، ملڪ جي معاشي حالت ڪا چڱي ڪونه آهي ملڪ بيروني قرضن ۽ امداد تي هلي پيو. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وفد سان پاڪستان حڪومت جون ڳالهيون هلندڙ آهن. ڳالهين ۾ ڇا طئه ڪيو ويندو يا طئه ٿي چڪو آهي. اها، اندرئين ڪهاڻي آهي. جنهن جي باري ۾ ڪا به خبر چار ڪونه اٿئون. پر آءِ ايم ايف پيداواري شعبي ۽ رٽيليئر تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سستي گئس جي فراهمي جلد کان جلد ختم ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته ، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وڌيڪ ٽئڪس لڳايا ويا ته عوام تي مهانگائي جو بار پوندو. ملڪ ۾ هڪڙي پاسي مهانگائي تيزي سان وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف معاشي صورتحال به انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي. ان سڄي صورتحال جو ڪارڻ حڪمرانن جون ناقص پاليسيون آهن. حڪمرانن جي اهڙين پاليسين جي ڪري غريب ماڻهو خاص ڪري مزدور ۽ پورهيت اٽي لاءِ پريشان آهن. هو، ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ مٿي تي هٿ رکيو ويٺا آهن. ياد رهي ته ، جيڪڏهن حڪمرانن آءِ ايم ايف جي مطالبن ۽ شرطن کي مڃي ورتو ۽ وڌيڪ قرض ورتو ويو ته حالتون اڃا وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. مهانگائي وڌي ويندي. جيڪا غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي. بهتر ته ايئن ٿيندو ته حڪومت مهانگائي کي ختم ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻي ته جيئن غريب ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿي سگهن.

آءِ ايم ايف جي ڳرن شرطن قبولڻ کان پوءِ ان وٽان جيڪو قرض ملي اهو درست هنڌن تي استعمال ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ايئن نه ٿئي جو اهو شاهي خرچن ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي. جيڪڏهن اهو پئسو ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ خرچ نه ڪيو ويو ته ملڪ معاشي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ اهو به ضروري آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي مناسب سهولتون ڏنيون وڃن. ان کان علاوه ملڪ ۾ صنعتون ۽ ڪارخانن ڏانهن توجهه ڏنو وڃي. وڌيڪ صنعتون قائم ڪري معيشت کي هٿي وٺرائجي. صنعتن ۽ ڪارخانن لڳائڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار جا وجهه ۽ موقعا ملي سگهن ٿا. جنهن ڪري بيروزگاري پڻ گهٽجي سگهي ٿي ۽ آءِ ايم ايف جي قرضن مان به آهستي ، آهستي ، جان آزاد ڪرائي سگهبي. ان ڪري حڪمرانن کي پنهنجن خدا داد صلاحيتن ، لياقتن ۽ قابليتن سان سوچي سمجهي منصوبا بندي ڪرڻ گهرجي  ته جيئن ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿي سگهي.

هن وقت ملڪ جا گهڻا تڻا ادارا ۽ کاتا تباهيءَ جي طرف وڃي رهيا آهن. سياسي عمل ۽ دخل جي ڪري انهن جا پويان پير ٿيندا پيا وڃن. نفعو ڏيندڙ ادارا نقصان ۾ وڃي رهيا آهن. جنهن ڪري معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو به ايئن ئي برقرار رهيو ته اسان جي معيشت ڪڏهن به مضبوط ڪونه ٿي سگهندي ۽ انهن ادارن جي سواءِ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ناممڪن آهي. جنهن ڪري ادارن ۾ سياسي عمل دخل بند ڪري کين فعال بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. انهن ادارن ۽ کاتن کي پنهنجي پيرن تي بيهاڻ جي ضرورت آهي. بهرحال هاڻ حڪمرانن جو خاص ڌيان ملڪ جي معيشت جي استحڪام ۽ مضبوطي ڏانهن هئڻ گهرجي. اهڙا منصوبا جوڙيا وڃن جنهن سان معيشت کي هٿي ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.