ملير جي لوهه چور مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون

تحرير؛ جميل چانڊيو

هونئن ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مافيائون سرگرم آهن جن ۾ ڌاڙيل مافيا، لينڊ مافيا، آئل مافيا، ريتي بجري مافيا، منشيات مافيا شامل آهن پر اڄ ڪلهه ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي لوهه مافيا جو ذڪر خبرن جي زينت بڻيل آهي، مافيائن جي پشت پناهي سياسي ۽ پوليس سڳوري جي آشيرواڌ مليل نظر اچي ٿي جيڪي علائقي جي ٿاڻن کان وٺي ضلعي انتظاميه ۾ من پسند آفيسرن کي پوسٽنگ ڪرائن ٿيون.

ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ تازو بن قاسم پوليس ۽ لوهه مافيا وچ ۾ هڪ وڏو دنگل ٿيو جنهن ۾ بن قاسم پوليس هڪ شخص مختيار لاشاري کي گرفتار ڪري جڏهن بن قاسم ٿاڻي تي کڻي ويا ته سندس حمايتن ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو ۽ بن قاسم پوليس مٿان الزام هنيو ته لوهه جي چوري ۾ پوليس ڀاڱي ڀائيوار ۽ هفتيوار ڀتو وٺي ٿي ۽ اسان جي ماڻهن کي گرفتار به ڪري ٿي. اهڙي الزامن بعد ملير جي پوليس خاص طور تي ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي تحرڪ ۾ اچي ويو ۽ هن سنگين معاملي تي سنجيدگي سان بظاهر ڪم شروع ڪيو آهي.

پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي، (ٽي سي پي)، پارڪو لائين، تيل (ڊيزل) جي  سميت هڪ هزار کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڪارخانا قومي شاهراهه بن قاسم پوليس جي ٿاڻي جي حدن ۾ اچي وڃن ٿيون، ان ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي مقرري لاءِ يا ته تمام وڏي سفارش هجي يا وري سسٽم جي نالي تي آفيسر اچن ٿا جيڪي ڏينهن رات اوجاڳا ڪري قومي اثاثن جو اهڙو ته خيال ڪن ٿا جتي هر قسمن جو ڏوهه ڪندڙ مافيا کي تحفظ جي مڪمل يقين ڌياني مليل هوندي آهي.

تازو بن قاسم پوليس مختيار لاشاري نالي هڪ شخص کي لوهه مافيا جو لقب ڏيئي يا الزام هڻي گرفتار ڪيو تنهن تي سندس حمايتن ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي پڻ ڪئي. تازو ڄاڻايل شخص خلاف هڪ فرياد داخل ٿي آهي تنهن جا تفصيل هن ريت آهن، ملير جي علائقي بن قاسم ٿاڻي جي حد مان لوهه چوري جو هڪ ٻيو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو، پپري نيشنل هاءِ وي تي واقعي سرڪاري (ٽي سي پي) چانورن جي گودامن مان 200 کان وڌيڪ لوهه جا وزني گيٽ چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، چوري جي واقعي جو ڪيس پپري جي ٿاڻي ۾ درج ڪيو ويو، ٽي سي پي مان لوهه جي چوري جو ڪيس 13 مارچ جو گودام جي مئنيجر آصف جي مدعيت ۾ درج ڪيو ويو، ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته گودام نمبر 45 ۽ 46 مان لوهه جا وزني گيٽ چوري ڪيا ويا آهن، في گيٽ جو وزن 5 کان 8 مڻ آهي. پوليس موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد گودام جي ڊپٽي مئنيجر ذوالفقار ڀٽو ۽ سيڪيورٽي انچارج مختيار لاشاري، آصف ابڙو سميت اهم گرفتاريون عمل ۾ آيون آهن. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي ايسٽ زون چوري جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي آهي ان سلسلي ۾ ”عوامي آواز“ کي مليل معلومات مطابق ڊي آئي جي ايسٽ غلام اظفر مهيسر جي جوڙيل جي ٽي آءِ ٽي ۾ ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي، ايس پي انويسٽيگيشن، ڊي ايس پي آپريشن بن قاسم، ڊي ايس پي بن قاسم انويسٽيگيشن ۽ ايس ايڇ او بن قاسم شامل آهن.

هاڻي هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جن پوليس آفيسرن مٿان لوهه مافيا جا الزام آهن انهن کي ئي چوڪيدار ڪري ويهاريو ويو آهي چوري جو سلسلو ڪو اڄ جو ناهي آهي جڏهن کان پاڪستان اسٽيل مل ٺهي آهي تڏهن کان لوهه چوري جو رينگٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جن ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي اڳوڻي  سيڪيورٽي مين پلانٽ انچارج امجد زرداريءَ لوهه چوري ۾ جي ايم سيڪيورٽي، چيف ميڊيڪل آفيسر ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن تي الزام هنيو آهي ته اهي سڌوسنئون اسٽيل مل جي چوري ۾ ملوث آهن.

پاڪستان اسٽيل مل کي نوازشريف جي گذريل حڪومتي دور سن 2015 ۾ هٿ وٺي بند ڪيو ويو ۽ اسٽيل مل جي اسٽورن ۽ اسٽاڪ يارڊ ۾ پيل قيمتي ڌاتو، اسڪريپ ۽ مشينري جي چوري اڄ به رڪجي نه سگهي آهي جنهن ۾ اداري جي سيڪيورٽي عملي مٿان الزام آهن ۽ خاص طور تي اڳوڻي سي بي اي يونين جا ڪجهه عهديدار به هن ڪاري ڌنڌي ۾ الزام هيٺ آيل آهن.

پاڪستان اسٽيل مل جي چوري جو انگ هن وقت تائين 5 ارب روپين کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو جڏهن ته قيمتي ڌاتو ۽ اسڪريپ پڻ ان کان علاوه آهي تازو لوهه چوري واري اسڪينڊل ۾ هاڻي وقت ئي ٻڌائيندو ته اسان جي پوليس سڳوري جوابدارن مٿان آيل الزامن کي ثابت ڪري ٿي يا انهن کي عدالت معرفت باعزت بري ڪرائيندي، اهو وقت ئي ٻڌائي سگهندو ته ان جو فيصلو ڪيئن ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.