ڪرپشن جي ور چڙهيل بينظير ڪارڊ وظيفو، نئين سروي جي ضرورت 

تحرير: محمد اسماعيل لانگاهه

وفاقي حڪومت طرفان هن وقت سڄي ملڪ اندر غريب مسڪين ۽ بيواهن خاندانن جي مالي مدد خاطر هر هڪ مستحق خاندان جي عورتن کي ساڍا ڏهه هزار سپورٽ پروگرام ۽ پنج هزار رپيا رمضان رليف پيڪيج واري رقم جاري ڪئي وئي آهي ملڪ ڀر ۾ سينٽرن تي بيقائدگين سبب عورتن جا هجوم لٿل ڏٺا پيا وڃن جتي ايجنٽن سميت پوليس عملي ۽ ڊوائيز مالڪن جي وڏي سُٺي روزي ڄڻ کلي وئي آهي جتي پوري ضلعي دادو ۽ ڪاڇي جي علائقن کان پري پري کان ايندڙ عورتون پڻ پريشانين جو شڪار ٿي رهيون آهن جتي مسڪين عورتن کان ايجنٽ مافيا احساس سينٽر اندر مقرر ملازم ۽ پوليس انتظاميه جي ملي ڀڳت سان وڏي پئماني تي ڦُرلٽ ڪئي پئي وڃي ۽ جڏھن ته رقم کان پهرين اعلي اختيارين طرفان هڪ سرڪاري نوٽيفڪيشن به جاري ٿيل آهي ته جنهن به سينٽر تان ڪا ڪرپشن ٿئي ته هيلپ لائين ڪال سينٽرن تي رابطو ڪرڻ بعد ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف قانون مطابق ڪاروائي ڪئي ويندي.

بحرحال گذريل ٽن ڏينهن کان سينٽرن جي قيام ۽ رقم جاري ٿيڻ کانپوءِ سنڌ صوبي جو ڪو به اهڙو سينٽر ناهي جتان ڪرپشن رقم مان ڪٽوتي ايجنٽ مافيا پوليس جي مداخلت جون خبرون پرنٽ اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا تي گردش نه ڪنديون رهيون آهن عورتن جون آنهون دانهون ريهون نه ٻُڌڻ ۾ آيون نه هجن . سنڌ صوبي جي ٻين ضلعن کان هٽي جڏھن دادو ضلعي جو ذڪر ڪجي ته ضلعي اندر چئن تعلقن ۾ خاص طور جوهي تعلقي ۾ سينٽرن تي وڏي پئماني بدنظمي عورتن جي تذليل جون خبرون موصول ٿي رهيون آهن دادو ضلعي جا گذريل سال سانوڻي جي برساتن ۾ خاص طور ڪاڇي وارا علائقا سخت متاثر ٿيل آهن جتي هزارين عورتون پريشانين واري عالم ۾ سينٽرن تي دربدر ٿي رهيون آهن.

رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهينو ايندي ئي مهانگائي جو جن جتي بي قابو نظر اچي پيو اتي بينظير ڪارڊ وظيفي جي رقم کي جلدي حاصل ڪرڻ لاءِ سينٽرن جي اندر توڙي ٻاهران عورتن جا هجوم ۽ بيٺل ايجنٽ مافيا, پوليس جي سرپرستي ۾ سرگرم نظر ايندا رهن ٿا اهڙي افسوس ناڪ حالتن ۾ سرڪاري قانون ڄڻ ھڪ ڏيکاءُ طور لاڳو ڪيو ويو آهي, سينٽرن ۾ عورتن جي تذليل ۾ ايجنٽ  مافيا ۽ پوليس انتظاميه ملوث آهي جيڪي عورتن جي پيھه ۾ مردن کي اندر ڇڏي بيحائي واري عمل ۾ ملوث نظر اچي رهيا آهن، سينٽرن ۾ سوڙھ تنگ آبادي وارين جڳهن تي قائم ٿيڻ ڪري ڪيتريون ئي ڪمزور عورتون رش گرمي سبب بيهوش ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.

وظيفو وصول ڪندڙ عورتن لاءِ الڳ الڳ ويٽنگ حال پاڻي، سيمت ويهڻ جو انتظام ۽ واش رومن جو بندوبست سميت ٻيون گهربل سهولتون سينٽرن تي هجڻ لازمي آهن پر انهن سهولتن مان ڪوبه انتظام ضلعي جي ڪنهن به سينٽر تي ٿيل نظر نٿو اچي ڪرپشن جي حوالي سان ذريعن مطابق ايجنٽ، پوليس عملدارن ۽ وظيفو ڏيندڙ عملدارن جو حساب ڪتاب ڪٽي ڪري هر عورت جي هٿ ۾ جاري ڪيل رقم مان هزار رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن جيڪا وڏي ناجائزي آهي.

هن وقت ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته بينظير ڪارڊ وظيفي مان اڃا تائين مالدار خاندان ۽ سرڪاري ملازم گهراڻن جون عورتون وظيفي واري رقم کڻي رهيون آهن پر غريب عورتن جا نالا خارج ڪيا ويا جيڪا حڪومتي نااهلي غريب ماڻھن جي ذھنن ۾ اها سوچ گهر ڪري وئي آهي ته وفاقي سرڪار بينظير ڪارڊ  پروگرام جي آڙ ۾ غريبن جي ٿيندڙ تذليل جو جيڪڏھن احساس رکي ٿي فوري طور انهن بيواه مسڪين خاندان جي عورتن کي رقم جاري ڪري جيڪي عورتون پنهنجي ٻچن جو پيٽ به پالي رهيون هيون ته انهن کي تعليم به ڏياري رهيون هيون وظيفو بند ٿيڻ سان انهن جي احساس محرومين ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي فوري طور وفاقي حڪومت ملڪ جي غريب عورتن جون احساس محروميون ختم ڪري نئين سروي تحت انهن خارج ٿيل خاندانن کي ٻيهر پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.