سڪرنڊ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ڀرياسٽي واسي نوجوان مارجي ويو، وارثن جو احتجاج

سڪرنڊ/ ڀرياسٽي (نمائندن وٽان)سڪرنڊ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ مختلف ڪيسن ۾ گھربل ڀرياسٽي واسي ڪامران ھڪڙو مارجي ويو، سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي 19 ڦرن ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار  ڪامران ولد غلام حيدر هڪڙو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، ايس ايڇ او سڪرنڊ پوليس حبيب الله مري ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح فجر وقت سڪرنڊ ويجهو کڏهر روڊ تي گشت ڪري رهيا هئاسين ته ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 19 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار ڪامران مقابلي ۾ مارجي ويو آهي سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا وٽائنس پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن جوابدارن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي جنهن دوران موبائل کي 3 گوليون لڳيون آهن. سڪرنڊ ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو, مارجي ويل ڦورو جي مٿان سنڌ جي مختلف ٿاڻن نوشهروفيروز ضلعي ۾ چار ڪيس، شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ 13 ڪيس جڏهن ته خيرپور ۾ 02 ڪيس داخل ٿيل آهن. ڦورو عادي ڏوهاري هو، ٻئي پاسي ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ شريف ھڪڙو واسي نوجوان ڪامران ھڪڙو جي وارثن عمران ھڪڙو ، بينظير ھڪڙو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي چيو ته ٽي ڏينھن اڳ مورو جي ايس ايڇ او اڪبر کوکر نوجوان ڪامران ھڪڙو کي اسان جي سامهون  کنڀي ويو ھو ۽ ڏيڍ لک رپيا رشوت گھري نه ڏيڻ تي سڪرنڊ پوليس حوالي ڪيو.

 

جتي ايس ايڇ او حبيب الله مري جڙتو مقابلي ۾ ڪامران ھڪڙو کي بي دردي سان قتل ڪيو آھي. اھڙي درخواست نوشھروفيروز ڪورٽ ۾  مقابلي کان هڪ ڏينهن اڳ داخل ڪرايل آھي، اسان سان ظلم ٿيو آھي ڪامران ھڪڙو تي جيڪي ڪيس داخل ٿيل ھيا انھن جي ضمانت ڪرايل ھئي ھنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. بينظير آباد پوليس طرفان جاري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سڪرنڊ ڀرسان جوابدارن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ ڪامران ھڪڙو زخمي ٿيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو، ڪامران هڪڙو ڏوهاري هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.