اسلام آباد عدالت عمران خان کي وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد جي عدالت عمران خان کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو،   اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ صهيب بلال لانگ مارچ دوران ڌانڌلي جي ڪيسن ۾ عمران خان ۽ ٻين جي بريت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جوابدارن تي لانگ مارچ دوران ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جا الزام آهن،عدالت چيو ته جيڪڏهن عمران خان ۽ ٻين پاران عوام کي ڀڙڪايو ويو ته پوءِ پراسيڪيوشن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو،عدالت چيو ته عمران خان ۽ ٻين خلاف ڪو به ثبوت عدالت ۾ جمع نه ڪرايو ويو، سمورن جوابدارن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ رڪارڊ ڪافي ناهي، جنهن بعد عدالت عمران خان کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو، ان کانسواءِ عدالت شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، سيف الله نيازي ۽ عامر ڪياني، علي نواز اعواڻ، راجا خرم، فيصل جاويد، شيخ اياز کي به بري ڪري ڇڏيو. راشد ۽ شيرين مزاري کي به بري ڪيو ويو، واضح رهي ته اسلام آباد جي عدالت گذريل ڏينهن عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي هئي.

  1. گهر ۾ ڪڪڙ پالڻ خلاف عورت سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ دلچسپ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ  ۾ هڪ گهر ۾ ڪڪڙ پالڻ خلاف عورت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس چيو ته وهان لاڳاپيل ادارن کي ان حوالي سان درخواست ڏني آهي، درخواستگذار عورت چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ ان حوالي سان ڪجهه ناهي ڪيو، جڏهن ته هُن جا پنهنجا قانون ان شئي جي اجازت نٿا ڏين، ڪڪڙن جي گهر ۾ رکڻ سان سڄي علائقي ۾ گوڙ ٿيندو آهي، چيف جسٽس چيو ته واقعي ڪڪڙ شرارتي هوندا آهن ۽ گوڙ به ڪندا آهن، درخواستگذار چيو ته ان بابت قانون موجود آهي ان جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پوءِ ڇا ڪيو وڃي جنهن گهر ۾ ڪڪڙهجن ان کي ختم ڪيو وڃي پهرين دور ۾ شرارتي ڇوڪرا ڪڪڙکي پچائي ڇڏيندا هئا پوءِ ان تي ڀلا عمل ڪيو وڃڄي، عدالت لاڳاپيل ادارن کان ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پاران درخواست جي ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.