فوج سان منهنجا ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنج  ڇهه مهينا جيل ۾ رهندس، پوءِ حڪومت ختم ٿي ويندي، مون کي خبر آهي ته هي حڪومت 5 کان 6 مهينن کان وڌيڪ نه هلي سگهندي، عارف علوي سان ڪا به ناراضگي ناهي، هن معاملا حل ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، مون پاران ڪو به اشو نه هو پر ٻئي پاسي کان منهنجي نالي تي ڪاٽو لڳايو ويو هو، راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن پنهنجي خلاف ڪيسن جي باري ۾ چيو ته فيصلا پهرين کان ٿي چڪا آهن، هتي رڳو ڪارروائي ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان سان سڄو نظام وائکو ٿي چڪو آهي، هن چيو ته نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ اسٽيبلشمينٽ سڀ هڪ آهن، ڪوڙ تي ٻڌل اليڪشن وائکي ٿي چڪي آهي، فافن سميت 5 رپورٽن باوجود ڪوڙو  اليڪشن ڪمشنر اڃا به ويٺل آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو،مون آءِ ايم ايف کي چيو هو ته سياسي استحڪام اچڻ تائين قرض جاري نه ڪيو وڃي، هن چيو ته 9 مئي اسان کي غدار ثابت ڪرڻ لاءِ پلان ڪيو ويو، پ پ ڪابينا جو حصو ان ڪري نه بڻي ڇو ته کيس خبر آهي ته هي سيٽ اپ نه هلندو، هن چيو ته جنرل باجوا ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چوندو هو ته عمران خان جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ چاهي ٿو حالانڪه جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ جي حوالي سان منهنجي وهم گمان ۾ به نه هو، افغانستان سان لاڳاپا خراب ٿيڻ سان دهشتگردي وڌندي،هن چيو ته جنهن جنرل افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون ان کي شريفن جي چوڻ تي هٽايو ويو، جنرل فيض کي هٽائي جنرل باجوا ذاتي فائدي جو سوچيو،ملڪي مفاد جو نه سوچيو، ايران ۽ افغانستان سان خراب لاڳاپا پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي، هن چيو ته انتظار ڪري رهيو آهيان ته نوازشريف ڪڏهن لنڊن فرار ٿئي ٿو،اسان جي ڪنهن به آفيشل اڪائونٽ تان فوج جي شهيدن خلاف ڪا ٽوئيٽ نه ڪئي وئي، اسان جي ۽ فوج وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هن چيو ته مون کي جڏهن گولي لڳي ته جنرل فيصل جو نالو ورتو هو تڏهن ته ڪا به ڀڃ ڊاهه نه ٿي هئي،سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪري منهنجي ۽ فوج وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آءِ ايس پي آر معاملن کي سياسي رنگ ڏئي رهي آهي ان تي سخت تنقيد ڪندو آهيان، آءِ ايس پي آر کي سوشل ميڊيا مهم ۾ مخصوص سياسي جماعت جي ملوث هئڻ بابت نه چوڻ گهرجي ها، هن چيو ته 23 مارچ تي جلسي ۾ ڌانڌلي جو شڪار بڻجندڙ سمورين پارٽين کي دعوت ڏينداسين، شيخ رشيد کي گهرائينداسين، مولانا فضل الرحمان کي به دعوت ڏينداسين پر هن جي ڪا خبر ناهي ته هو اچي ٿو يا نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.