اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کي باهه، 40 گهر سڙي خاڪ، نينگر فوت، ڪيترائي ڍور به مري ويا

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: غازي بجير ) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کي باھ،40 گهر سڙي رک، هڪ معصوم نينگر سڙي فوت،30 جانور ڪوئلو، لکين رپين جو نقصان، سلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميهاري بجير ۾ گذريل ڏينهن \اوچتو باھ لڳڻ سبب بجير برادري جا 40 گهر سڙي رک ٿي ويا، باھ لڳڻ بعد هر طرف ڪيهاٽ پئجي ويا،گهرن ۾ موجود عورتون،ٻارڙا ۽ مرد رڳو پنهنجيون جانيون بچائي ٻاهر نڪتا، هڪ گهر ۾ ڏيڊ سال جو معصوم نينگر غمشاد پُٽ احمد علي بجير سڙي ڪوئلو ٿي ويو،گهر ڀاتي خوف وچان نڪري اچڻ ڪري پويان رهجي ويل معصوم ٻالڪ سڙي ڪوئلو ٿي ويو، جنهن بعد گهر ۾ قهرام متل آهي، جڏهن ته گهرن اندر بيٺل ٻڪرين، رڍن ۽ گڏهن سميت 30 جانور به سڙي ڪوئلو ٿي ويا،باھ جو اطلاع ملڻ بعد اسلام ڪوٽ ۽ مٺي مان فائر برگيڊ جون گاڏيون پهتيون، اُن کان اڳ ڳوٺاڻن باھ تي ضابطو آڻي ورتو هو، پهتل فائربرگيڊ عملي هلندڙ باھ کي وسائي، جڏهن ته ٿرڪول بلاڪ ٽو مان ٿرفائونڊيشن جي ٽيم امام علي ڏيٿو، منظور جنجهي ۽ عبدالحميد مهيري اڳواڻي ۾ پاڻي جا ٽينڪر کڻي باھ متاثرين وٽ پهتي، هوڏانهن سڙي ويل گهرن جي متاثرين ۾ امام بخش بجير، فاروق بجير، عبدالرزاق بجير، احمد علي بجير، روشن بجير، عاشق علي بجير، ڦوٽو بجير، ولي محمد بجير، سابيق بجير، امام علي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته باھ لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سونا زيورات،کٽون، بسترا، کاڌي پيتي جو سامان، نياڻين جي ڏاج سميت سمورو الھه تلھ سڙي خاڪ ٿي ويو، گهرن ۾ ڪا به شئي ناهي بچي واقعو ميڊيا تي رپورٽ ٿيڻ بعد مختلف سياسي سماجي ڌُرين پاران پنهنجي ذاتي مدد سان متاثرين جي سهائتا ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا، صحافي رياض بجير طرفان 50 هزار روڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن پ پ يوٿ ونگ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر سُشيل ملاڻي متاثر وٽ پهچي مڪمل مدد جي خاطري ڪرائي، ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي، ايس ايس پي ٿرپارڪر علي مردان کوسو،اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم شريف ڳوٺ پهچي متاثر گهرن جو جائزو ورتو ۽ متاثرين کي رليف پهچائڻ جي خاطري ڪرائي، ٻئي پاسي ٿرفائونڊيشن پاران متاثرين لاءِ رات جي ماني جو بندوبست ڪري ڏنو ويو، برياني جون ديڳون تيار ڪرائي ڳوٺ ميهاري پهچايون ويون، ٿرفائونڊيشن ٽيم جي امام علي ڏيٿو ٻُڌايو ته اسان متاثرين لاءِ ماني ۽ پاڻي جو بندوبست ڪيو آهي، باقي مڪمل سروي ڪرڻ بعد سڙي ويل گهرن کي ٻيهر ٺهرائي ڏنو ويندو، متاثر خاندان رات سخت گرمي ۽ باھ جي تپش ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل هئا،جڏهن باھ سبب سڙي ويل نينگر غمشاد جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل هو، ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.