اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايف سان تقريبن سڀ ڳالهيون طي ٿي ويون آھن، هاڻي ٻين ملڪن کان سيڙپڪاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آھن، ان سلسلي جي پهرين ڪڙي سعودي بادشاهه سان پاڪستان جي اهم اداري جي سربراهه جي ملاقات آھي، نامياري صحافي سيد طلعت حسين پنهنجي وي لاگ ۾ انڪشاف ڪيو ته هي ملاقات سيڪيورٽي معاملن لاءِ گهٽ پر پاڪستان جي ٻڏندڙ معاشي ٻيڙي کي تارڻ لاءِ ڪئي وئي آھي،هن چيو ته پاڪستان جي اهم اداري جي سربراهه سعودي عرب کي ٻڌايو آھي ته آئي ايم ايف سان معاملات طي ٿيا ويا آھن۔ هاڻي پاڪستان سان ڪيل واعدا وفا ڪري سيڙپڪاري لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن۔ سعودي عرب به مثبت جواب ڏئي ڇڏيو آھي، سيد طلت حسين چيو ته ادارن فيصلو ڪيو آھي ته ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪري سياسي افراتفري کي ختم ڪيو ويندو هاڻي ڪو سياسي زلزلو نه ايندو،ڇو ته ادارن سڄو ڪاروهنوار پنهنجي هٿن ۾ کڻي ڇڏيو آھي،وزير اعظم شهباز شريف رڳو نالي جو ئي وزيراعظم هوندو اصولن هي دورو وزير اعظم کي ڪرڻو هو پر ائين نه ٿيو۔