مغوين کي گوليون هڻي پيغام ڏنو ويو ته ڌاڙيل طاقتور آهن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته غير قانوني افغاني ملڪ جي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن،  پاڪستان مخالف طاقتون افغانستان مان ويھي پاڪستان ۾ دھشتگردي جا وڏا واقعا ڪرائين ٿيون، افغان بارڊر ذريعي پاڪستان ۾ منشيات ۽ غير قانوني ھٿيار اچن ٿا،  ملڪ جي ترقي لاءِ ٻاھرين ڊڪٽيشن بدران آزاد ۽ خودمختيار پاليسي جوڙي وڃي، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته ڌاڙيلن وٽ ھٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري ڪنھن جي آھي؟ آخر ڌاڙيلن خلاف ڇو ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي؟ سنڌ ۾ ڪڏھن استاد قتل ڪيا وڃن ٿا، ڪڏھن پروفيسر ته ڪڏھن شاگرد اغوا ڪري گولين جو نشانو بڻايا وڃن ٿا، ڪرمپور ۾ استاد جو قتل ۽ مغوي نوجوان کي گوليون ھڻي وڊيو وائرل ڪري پيغام ڏنو ويو آھي ته ڌاڙيل طاقتور آھن ۽ حڪومت انھن خلاف ڪجھه به نٿي ڪري سگھي، هن چيو ته سنڌ افغانين جي نيڪالي بدران ڊرامو ڪيو ويو، جنھن ڪري لکين افغاني موجود آھن، ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ڪاروبار ڪن ٿا ۽ ڪالونيون ٺاھي ويٺل آھن، غير قانوني افغاني ۽ ٻيا غيرقانوني اميگريشنس دھشتگردي ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۽ دھشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.