ڪراچي ۾ افطاري جي وقت دڪاندارن کان هٿياربندن جي ڦرلٽ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ فيڊرل بي ايريا جي بلاڪ 5 ۾ ڦورن ايل پي جي جي دڪان تي افطاري وقت دوڪاندار کان ڦر لٽ ڪري ويا دوڪاندار افطار ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته ڦورن 30 هزار کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. سومر جي شام ڦر واري واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچي وئي آهي.  واقعي دوران ڦورن جا 3 ساٿي مختلف موٽرسائيڪلن تي سوار پنهنجن 3 ساٿين جو انتظار ڪندا رهيا، جڏهن ته دڪان ۾ داخل ٿيل 3 ڦورن دڪاندارن کان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دڪاندارن وٽان 30 هزار رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ٿي ويا.

  1. سنڌ ڏوهارين کي ليز تي مليل آهي، حڪومتي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي:اسلم غوري

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي)جي يو آءِ سنڌ جي قائم مقام جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي پريس ترجمان ايڊووڪيٽ محمد اسلم غوري چيو آهي ته  سنڌ ڏوھارين کي ليز تي ڏني وئي آهي، حڪومت جي خاموشي سمجھه کان ٻاهر آهي، ڏوھارين جي سرپرستي حڪومتي  اڳواڻ ڪري رھيا آھن، سنڌ اندر عوام جي چونڊيل حڪومت ھجي ھا ته عوام کي اھي ڏينهن نه ڏسڻا پون ھا،جن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائي نااھل ماڻھن کي سنڌين مٿان ٿاڦيو ويو آهي جنهن ڪري انھن ڏوھارين کي ڇوٽ ڏئي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، جاري بيان ۾ هن چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سوين ماڻھو اغوا ٿيل آھن جن تعلق پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڪراچي سان تعلق رکندڙ غريب ماڻهون شامل آهن، شرم جھڙي ڳالھه آهي ته استادن، شاگردن، وڪيلن ۽ صحافين کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو وڃي ٿو پر حڪومت جي خاموشي شرم جوڳو عمل آهي، جي يو آءِ امن امان جي صورتحال تي غور ڪري رهي آهي، جنھن خلاف احتجاج ڪيو ويندو، حڪومت ڏوھارين خلاف ڪاررواين بدران سياسي سماجي ۽ مذهبي احتجاجن دوران ڪارڪنن تي حملا ڪري دھشتگردن وانگر پيش اچن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.