سنڌ ۾ نئين حڪومت ٺھندي ئي بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي:ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد ( رپورٽر)  سنڌ ۾ نئين حڪومت ٺھندي ئي بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ھر طرف بدامني جو راڪاس آھي ڪرمپور ۾ استاد الله رکيو  نندواڻي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي بدامني سبب ماڻھو خوف وچان گھرن تائين محدود آھن ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پريس بيان جاري ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيل روز ماڻھن کي اغوا ڪن پيا ۽ سرعام ماڻھن کي گوليون ھڻن پيا ۽ وڊيوز ڀري سوشل ميڊيا تي رکن ٿا سنڌ حڪومت بي وس نظر اچي پئي ڪرمپور ۾ استاد الله رکيو نندواڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي رکي تہ سندس جان محفوظ ناھي پر استاد کي تحفظ نه ڏنو ويو سنڌ حڪومت جي لاپرواهي سبب سندس جان ھلي وئي سنڌ حڪومت جي ڪٿي به رٽ نظر نه ٿي اچي عوام جي جان مال محفوظ ناھي سنڌ حڪومت اگھور ننڊ ستل آھي اسين مطالبو ٿا ڪريون وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان ته استاد الله رکيو نندواڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڌاڙيلن وٽ اغوا ٿيل مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ ڌاڙيلن خلاف جلد کان جلد آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙن بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.