ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ مختلف برادرين جي اغوا ٿي ويلن مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي ضعلي آفيس مان ٿيل چوري جي واپسي لاءِ ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن خلاف سخت نعریباي ڪندي ڌرتي ڌڻي جي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاهري دوران ميڊياسان ڳالهائيندي ضعلي صدرحبيب سبزوئي، فدا حسين بنگوار، اعجازملڪ، عامر علي بکراڻي، غوث بخش بهلڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪافي ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل خالدميراڻي، صدرالدين ميراڻي، بهار علي، شمن علي، ذيشان سهرياڻي، علي داد، درمحمد گولو، گل محمد گولو، عباس جعفري کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن پوليس هن وقت تائين انهن کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي روزاني ماڻهو اغواٿي رهيا آهن گهرن مان دڪانن مان چور چوريون ڪن پيا چاٻي چورن آزار ڪري ڇڏيوآهي چويهن ڪلاڪن دوران پنج کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون آهن روڊ رستامحفوظ نه آهن انڊس هاءِ وي ته ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيل مسافر گاڏين کي روڪي ڦر ڪن پيا هتان جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ رياست جي رٽ ڪٿي به نظر نه پئي اچي عوام غير محفوظ آ چور ڦورو آزاد آهن پورو ضعلو ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي اسين مطالبو ڪيون ٿا سنڌ ھاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کان ته هو نوٽيس وٺي امن امان کي يقيني بڻائي تمام مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي،