سنڌ ۾ ڌاڙيلن تَر تپائي ڇڏيو، شڪارپور ۽ رستم ويجهو 4 پورهيت اغوا، احتجاج جو اعلان

شڪارپور/ لکي غلام شاهه (رپورٽ: ذوالفقار مگسي/ نديم جان مهر) شڪارپور اغوائن جو ڳڙھ بڻجي چڪو، ڌاڙيلن تَر تپائي ڏنو، ھڪ  ڏينھن اندر وڌيڪ چئن مسڪين ماڻھن کي اغوا ڪيو ويو جنھن سان شڪارپور ۾ مغوين جو تعداد وڌي 11 ٿي ويو آھي،شڪارپور جي تعلقي خانپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪرمپور لاڙي وٽان ھٿياربند دڪان کي کاٽ ھڻي دڪان اندر ستل ڳوٺ الھورايو پھوڙ واسي ٻن ٿريشر جي مسترين عمران پھوڙ ۽ چنيسر پھوڙ کي اغوا ڪري ويا، واقعي بعد مغوي جا وارث ۽ پھوڙ برادري ڪرمپور لاڙي وٽ وڏي تعداد ۾ پھچي ويا مغوين جي وارثن ۽ پوليس ھٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي جي علائقي پنجين ميل وٽ گم ٿي ويا،پوليس جو چوڻ آھي ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ٻئي پاسي رستم ٿاڻي جي حد سوئي گئس پوائنٽ وٽان ٻن پيرسن چوڪيدارن کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا، پوليس موجب ڳوٺ ٻورڙي واسي پيرسن عبدالستار سيٺار ۽ گلشير سيٺار رستم شھر ۾ چوڪيدار ھئا جن کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا،جن جو پيرو رستم جي ڪچي طرف وڃي رھيو آھي مغوين کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،ياد رھي ته شڪارپور مان اغوائن جو انگ وڌيڪ 11 ٿي ويو آھي جن جو ڪوئي ڪيس به داخل نه ٿي سگھيو آھي نه وري مغوين جي آزادي لاءِ پوليس چونڊيل نمائندا بيوس بڻيل آھن جڏھن ته مغوين جا وارث انتھائي پريشان آھن، مغوي عبدالستار عرف خان سيٺار جي ڀاءُ عبدالجبار سيٺار جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ کي اڳ به ساڳئي هنڌ تان اغوا ڪيو ويو هاڻي ٻيهر ظلم ڪيو ويو آهي اسان مسڪين ماڻهو آهيون ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي مغوين کي آزاد ڪرائي ڏي هوڏانهن علائقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف چڪ شهري اتحاد پاران اڄ چڪ شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي ڪڍي ويندي اڳواڻن غلام قادر مهر احمد شاھ نقوي فقير احسان الله ڀيو مولوي محمد سعود ڀيو پون ڪمار عبدالباسط انصاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ خلاف چڪ شهر ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، ڌرڻو پڻ هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.