استاد الله رکيو جو قتل افسوسناڪ آهي، قاتل گرفتار ڪيا وڃن:زين شاهه

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد زين شاهه ڪنڌڪوٽ ويجهو اسڪول ويندڙ پرائمري استاد الله رکيو  نندواڻي جي قتل واري معاملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جي سنڌ ڌرتي کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، پ پ قيادت سنڌ کي لٽي ۽ ڦري رهي آهي جڏهن ته ان جا نمائندا ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪري عوام کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن ، جنهن سبب گذريل 16 سالن کان سنڌ اندر ڌاڙيلن ، ڏوهارين ۽ ڦورن جو راڄ  قائم آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جو راڄ برقرار آهي، ڪيترائي ماڻهو اڃان به ڌاڙيلن وٽ يرغمالن بڻيل آهن، سنڌ حڪومت جي سرپرستي هيٺ لاقانونيت، افراتفري، قبضي مافيا، اغوا ۽ ڌاڙا عروج تي آهن، هن چيو ته سنڌ جو لاوارث بڻيل آهن، سنڌ جا اترين علائقا اڄ به نوگو ايريا بڻجي ويا آهن. سيد زين شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبو هن وقت بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.