اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن خلاف عيد کان پو۽ قانون حرڪت ۾ اچي ويندو، هن وقت جيڪي ماحول ۾ ٺاپر آھي، عيد کان پوءِ ڌڙا ڌڙ گرفتاريون ڪيون وينديون، عمران خان ۽ ان جي حمايتين خاص طور 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني جنگ کي تيز ڪيو ويندو، عاصمه شيرازي پنهنجي وي لاگ ۾ چيو ته ادارا سمجهن ٿا ته تحريڪ انصاف ملڪ دشمن ٿي وئي آھي، طالبان کان پوءِ تحريڪ انصاف وارا انتها پيا ڪن، آئي ايم ايف جي آفيس آڏو ڌرڻا ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن ۾ ملڪ خلاف زھر پکيڙيو وڃي پيو، سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ادارن تي گند ۽ تحريڪ انصاف جي ثناخواني ڪئي وڃي پئي۔ اهڙن اڪائونٽ هلائيندڙن کي قطعي برداشت نه ڪيو ويندو۔ انهن کي عيد کان پوءِ سبق سيکاريو ويندو،ستم ته اهو آھي عمران خان اهڙن ڪردارن جي مذمت بدران کلي حمايت ڪري پيو