عمران خان تي فائرنگ ڪندڙ خلاف پوليس کي ڪو به ثبوت نه مليو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان تي وزيرآباد ۾ فائرنگ ڪندڙ اهم ملزم خلاف ڪيس  جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ ٿي،  منصور علي خان وي لاگ ۾ چيو ته عدالت  ان ڪيس کي ٻن هفتن ۾ حل ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آھي،عدالت کي وڪيل ٻڌايو ته مک ملزم نويد بشير جي خلاف ڪو به پوليس وٽ ثبوت نه آھي،هن وقت تائين نه ته ڪيس هلي سگهيو آھي نه وري جاچ مڪمل ٿي آھي، اهم جوابدار سان گڏ الزام هيٺ آيل سڀ آزاد ڪيا ويا آھن، پر نويد بشير  اهم جوابدار  خلاف ڪو به ثبوت نه آھي تڏهن به ان کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي، ان تي عدالت پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب گهرائي ورتو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.