خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/ شاهد نواز سيال) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي هڪ ڀيرو ٻيهر جبري موڪل تي موڪليو ويو آهي، ان سلسلي ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن اختيار گهمرو، سيد منير شاھ راشدي، حاڪم ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو آهي تهجوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي يونيورسٽيز، بورڊ جي سيڪريٽري پاران ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي فحش وڊيوز وائرل جي مک ڪردار شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر خليل ابو پوٽو کي 60 ڏينھن جي جبري موڪل تي روانو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي اضافي چارج ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته سيڪريٽري سنڌ يونيورسٽيز جي اهڙن قدمن جي آجيان ڪريون ٿا، هنن چيو ته ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو يونيورسٽي جي وي سي واري اهم عهدي تي فائز هجڻ دوران فحش حرڪتون ڪري نه صرف پنهنجو نالو بدنام ڪيو، پر اداري لاءِ به بدنامي جو سبب بڻيو آهي کيس هن يونيورسٽي م ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين جيڪڏھن خليل ابو پوٽو کي ٻيهر مقرر ڪيو ويو ته سندس ڀرپور رستا روڪ ڪئي ويندي.