ڪراچي (رپورٽر ) ملير جيل ۾ قيدي ايڊز (ايڇ آءِ وي) جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد خودڪشي ڪري ڇڏي، جيل واري وزير جي ترجمان موجب جيل واري وزير علي حسن زرداري واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري جاچ جي هدايت ڪئي آهي، شروعاتي رپورٽ موجب قيدي عزير خان جدون ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، قيدي ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا هو جنهن سبب هو ذهني دٻاءُ جو شڪار هو، ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي جيل واري وزير علي حسن زرداري آءِ جي سنڌ کي واقعي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي، آءِ جي جيل کي فوري طور تي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.