اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته بچاءَ واري وزير جي حيثيت سان ٻه يا ٽن فائلن تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ افغان شهرين کي فوج مان نيڪالي ڏني وئي، جنهن ۾ هڪ ڪيپٽن ۽ هڪ ليفٽيننٽ به شامل آهي. هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته دهشتگرد هن وقت افغان سرزمين ۾ رهي رهيا آهن، ٽن کان چئن هزارن کانسواءِ جن کي پي ٽي آءِ باني آندو، ان بابت قومي اسيمبلي کي بريفنگ به ڏني وئي، اهو 2022ع جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هو افغانستان سان ڪو به نئون قاعدو قائم ڪرڻ نٿا چاهين، 30، 40 سالن جو ماضي وارو سلسلو هاڻ ٽٽڻ گهرجي. خواجا آصف چيو ته بچاءَ واري وزير جي حيثيت سان هن ٻه يا ٽي فائلن تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ افغان شهرين کي فوج مان نيڪالي ڏني وئي، جنهن ۾ هڪ ڪيپٽن ۽ هڪ ليفٽيننٽ شامل آهي. هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي واپس آڻڻ، ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪرڻ ۽ نواز شريف جي حڪومت کي برطرف ڪرڻ واري معاملي تي جنرل (ر) باجوه، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي پارليامينٽ ۾ طلب ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن ٽنهي کي گهرائي پارليامينٽ ۾ جواب طلب ڪيو وڃي، ان حوالي سان هو ٺهراءُ به پيش ڪندا. بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته هي ڪير آهن جيڪي هن ملڪ جي تقدير جو فيصلو ڪن، اسان ڪيترائي ڀيرا گهر ويا آهيون، اسان کي گهر جو رستو ۽ جيل جو رستو به ڏٺل آهي.