خيرپور(ڊ ر)خيرپور شهر گذريل 15 ڏينهن کان وٺي ڪچي جو ڏيک ڏيڻ لڳو هر 15 منٽن ۾ ڦر، ڌاڙو يا موٽرسائيڪل کسجڻ عام ٿي ويو جڏهن ته نوڪري ڪندڙ توڙي رستي تان گذرندڙ عورتون توڙي ٻار به غيرمحفوظ بڻجي ويا اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سجاد ماڊل اسڪول ڀرسان 4 اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن صحت کاتي جي حفاظتي ٽُڪا لڳائيندڙ ٽيم کان هٿيارن جي زور تي ٻه موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حفاظتي ٽُڪا لڳائيندڙ ٽيم ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر اسلم جسڪاڻي ۽ آفتاب پنهور کان هڪ موٽر سائيڪل ٻه موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن احتجاج ڪندي چيو ته گھر گھر وڃي ڪري ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳائيندا آهيون ۽ جئين ئي سجاد ماڊل اسڪول ڀرسان گهٽيءَ ۾ بيٺا هئاسين ته نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ۽ اسان مٿان هٿيار سڌا ڪري اسان کان ڦر ڪئي آهي.