اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم جو وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر حامد علي شاهه پيش ٿيا، جڏهن ته عمران خان جون ڀينر، علي محمد خان ۽ ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا. عمران خان جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر عدالت آڏو 12 آڪٽوبر 2022 جي شڪايت پڙهي ٻڌائيندي چيو ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ان وقت جي گهرو سيڪريٽري شڪايت داخل ڪرائي، 5 آڪٽوبر 2022 تي انڪوائري ڪنهن شروع ڪئي؟ ان حوالي سان ڪو به دستاويز عدالت جي رڪارڊ تي ناهي، جيڪڏهن اهو دستاويز رڪارڊ تي ناهي پوءِ جيڪڏهن ڪيس جو بنياد نه هوندو ته ڪيس ختم ٿي ويندو. سلمان صفدر چيو ته جاچ آفيسر پنهنجي بيان ۾ چيو ته 5 آڪٽوبر تي ڊي جي ايف آءِ اي جي هدايت تي انڪوائري شروع ڪئي وئي، ڊي جي ايف آءِ اي به ان ڪيس ۾ شاهد ناهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڇا گهرو وزارت ڊي جي ايف آءِ اي کي انڪوائري لاءِ چيو آهي؟ توهان چئو ٿا ته انڪوائري شڪايت داخل ٿيڻ کان اڳ شروع ڪئي وئي، جنهن تي وڪيل سلمان صفدر چيو ته انڪوائري شڪايت داخل ٿيڻ کان اڳ شروع ڪئي وئي، اهڙي ريت سڄو ڍانچو ڊهي پوندو. عمران خان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ جي باني خلاف جيڪي به ڪيس آيا آهن، اهي سڀ آئوٽ آف باڪس ٿي چڪا آهن، توشه خانه، سائفر ۽ عدت ۾ نڪاح ڪيس جو به فيصلو آيو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هي نه وائيٽ ڪالر ڪيس آهي ۽ نه ئي قتل ڪيس، هي هڪ مڪس هائبرڊ ڪيس آهي، هي منفرد ڪيس آهي جنهن ۾ نئون عدالتي مثال قائم ڪيو ويندو. بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته ٽرائل جج کي هڪ ٻيو موقعو ڏيو، ميرٽ تي دليل ڏيندس. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته جيڪڏهن جرح جو حق ختم ٿي وڃي ته توهان جو حق لتاڙجي ويندو، جوابدار عدالت جي نظر ۾ "پسنديده ٻار” آهي، شام ۾ ٽرائل جي ڪهڙي حيثيت هوندي؟ ان حوالي سان به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته ٽرائل رات 9 وڳي به هلي رهيو هو، آرٽيڪل 10 اي موجب فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل جي ڪهڙي تڪڙ هئي؟ ان تي وڪيل چيو ته ٿي سگهي ٿو اهي ڪنهن ڊيڊ لائن تي پهچڻ چاهيندا هجن، جيڪڏهن اهو چوان ته اهو اسلام آباد جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري ٽرائل هو ته اهو عجيب نه هوندو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اهي ٻئي سرڪاري وڪيل عدالت طرفان مقرر ڪيا ويا؟ ڇا ايڊووڪيٽ جنرل نالا موڪليا؟ سلمان صفدر چيو ته جي ها! ايڊووڪيٽ جنرل اهي مقرر ڪيا آهن. عدالت چيو ته پوءِ ايڊووڪيٽ جنرل کي ٻڌڻو پوندو، انهن سرڪاري وڪيلن جو موقف ڇا هو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب ايڊووڪيٽ جنرل عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي لاءِ عوامي وڪيلن جي سفارش ڪئي هئي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي اپيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.