لاهور/ڪراچي(عوامي آواز نيوز) انساني حقن جي تنظيم موجب ڪچي جا ڌاڙيل هر سال شهرين کان هڪ ارب رپيا ڀُنگ جي صورت ۾ وصول ڪن ٿا، ڪچي جي ڌاڙيلن سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي. ڪشمور صادق آباد جا خاص علائقا آهن جنهن ۾ شام جو ماڻهو گهران نڪرڻ کان ڊڄندا آهن. تازو ڪشمور جي علائقي ۾ هڪ استاد اسڪول پڙهائڻ وڃي پيو جنهن تي کيس روڪيو ويو ته اتي ڌاڙيل هوندا آهن.استاد نه مڃيو ته ٻارن جي پڙهائي متاثر ٿيندي، انهن جو مستقبل تباهه ٿيندو. ان لاءِ احتياط ڪري هٿيار کڻي ويو، ان باوجود ڌاڙيل کيس کنڀي ويا ۽ کيس قتل ڪيو آهي. اهو هڪ اهڙو اوچتو واقعو ناهي پر مسلسل گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور جي ڪچي مان اهڙا واقعا سامهون آيا آهن. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن جيڪي کين طاقتور ڌرين جي مدد سان ئي ملي سگهن ٿا. ان سڄي معاملي ۾ حڪومت ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. نه ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي نه حڪومت ان مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ طرف ڪو قدم کنيو آهي. حڪومت جي ڪارروائي نه ڪرڻ تي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڌاڙيلن سان ٻڌل آهي. مغوي امير ناهن پر غريب هوٽلن تي ڪم ڪندڙ، گاڏين جي مڪينڪ کان ويندي ٻين صوبن مان ڪم ڪار جي ڳولا ۾ ايندڙ پورهيت به ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويندا آهن. امداد سومرو پنهنجي وي لاگ ۾ چئي ٿو ته جيئن سنڌ حڪومت سمجهي ٿي ڪي وڏيون طاقتور ڌريون ڌاڙيلن سان سهڪار ۾ آهن ته اها هٿ مٿي ڪري چوي ته سنڌ حڪومت ان معاملي تي ڪجهه نٿي ڪري سگهي،هوڏانهن هڪ رپورٽ موجب سنڌ ۾ ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي ڪچي جا ڌاڙيل هڪ سال ۾ 400 ماڻهن کي اغوا ڪري چڪا آهن، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان 2 يرغمالي مارجي چڪا آهن، سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي وڏين دعوائن ۽ 250 آپريشنز باوجود ڪچي ۾ مختلف ڌاڙيل گروپ آزاداڻين وارداتن ڪرڻ ۾ مصروف آهن، پوليس مطابق ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي علائقي ۾ تيغاڻي، جاگيراڻي، شر،ڀيو، ڀنگوار گينگ اڃا به موجود آهن، ڌاڙيلن جي حملي ۾ 11 پوليس اهلڪار شهيد ۽ ايترائي زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته پوليس ڪارروائي ۾ 23 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 160 گرفتار ڪيا ويا آهن، پوليس اختيارين مطابق اتر سنڌ جي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن ۾ 35 کان 40 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن،آزاد ذريعن مطابق سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ هن وقت ڌاڙيلن جي قيد ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن، ٻنهي ڊويزنن ۾ هر مهيني 20 کان 30 ماڻهو ڀُنگ ڀري آزاد ٿين ٿا