رياست الله رکيو نندواڻي کي تحفظ نه ڏئي سگهي: حامد مير

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري صحافي حامد مير چيو آهي ته ڪشمور جي استاد جي ڪلهي ۾ بندوق لٽيڪل آهي، هو پنهنجي پٽ سان بندوق کڻي ٻارن کي اسڪول پڙهائڻ ويندو هو، مقصد اهو ته پاڻ کي ۽ پنهنجي پٽ کي ڌاڙيلن کان بچائي سگهي ۽ خيرخيريت سان اسڪول پهچي ٻارن کي تعليم ڏئي  سگهي،ڪجهه ڏينهن اڳ هن وڊيو رڪارڊ رکي سوشل ميڊيا تي رکي ۽ مقصد اهو هو ته حڪومت کي ٻڌائي ته هتي حالتون گهڻيون خراب آهن، اسان کي  اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهئان لاءِ بندوق کڻي نڪرڻو پوي ٿو، اها وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڪالهه ڌاڙيلن کيس شهيد ڪري ڇڏيو، اسڪول ٽيچر جو الميو آهي ته هو ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ اسڪول وڃڻ چاهي ٿو پر رياست کيس تحفظ نه ڏئي سگهي، پوليس غيرفعال آهي، هن چيو ته هن المئي کي نوٽيس ۾ آڻڻ ان ڪري ضروري آهي ته پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهو سمجهن ٿا ته انصاف سڀني کي ملي رهيو آهي، پر انصاف ڪنهن ڪنهن کي ملي رهيو آهي، انصاف جي علمبردار ادارن تي جيڪڏهن منهنجو آواز پهچي رهيو هجي ته گذارش آهي ته هن شهيد کي انصاف ڏيڻ به توهان جي ذميواري آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.