شڪارپور(ڊ ر) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بدامني ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ ڪونهي، سڄِي ملڪ مان ماڻهن کي اغوا ڪري هتي آندو ويندو آهي ۽ هتان جا ظالم وڏيرا مڊل مين جو ڪردار ادا ڪندي ڌاڙيلن توڙي مغوين جي وارثن کان پنهنجو حصو وٺن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرمپور ويجهو ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي شورى جي رڪن مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي جي جنازي نماز کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ جنازي ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته هن ريجن ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. سراج الحق آرمي چيف، صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم کان ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي گهر ڪندي چيو ته هي ڪو ڀارت جو علائقو نه آهي، حڪومت، فوج، جديد هٿيار ۽ ٽينڪ موجود آهن، پر تنهن باوجود رياست اندر رياست قائم آهي، آخر هن ملڪ جو ڇو ڪوبه والي وارث ڪونه آهي،هن چيو ته نظرياتي ماڻهو ۽ الله جي دين کي غالب ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ جوڌا مرندا ناهن بلڪ اهي عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي به انهن مان هڪ هو جنهن جي ديني، عوامي ۽ سياسي توڙي سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي گذريل ڏينهن خانپور ويجهو هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو هو، نمازه جنازه ۾ مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، نائب امير ممتاز حسين سهتو، پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، سردارزادہ زرياب بجاراڻي، مير اڪبر خان بنگلاڻي، پ پ شهيد جو نديم قريشي، چيمبر آف ڪامرز جو صدر احمد علي بروهي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، طاهر مجيد، حاجي ديدار لاشاري، مرحوم جو ننڍو ڀاءُ امداد الله بجاراڻي، سياسي سماجي اڳواڻن، مقامي معززين، ويجهن مٽن مائٽن سميت سنڌ توڙي پنجاب ۽ بلوچستان کان آيل دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.