لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي امير مفتي اعظم سنڌ مفتي محمد جان نعيمي هڪ وفد سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي اڪثر شهرن علائقن ۾ اغوائون، ڦرون، چوريون، ڌاڙا، قتل غارت جا واقعا کليل جهنگ جي قانون جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، سنڌ پوليس عملي طور تي سنڌ جي پائدار امن ۽ سلامتيءَ لاءِ جامع پلان هنگامي بنيادن تي تشڪيل ڏئي سنڌ کي امن جو خطو بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺي، بدامني جي باهه سنڌ جي عوام کي گهرن تائين محدود بڻائي ڇڏيو آهي، ڪاروباري ماڻهو شديد مشڪلاتن تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته اسان دعاگو آهيون ته ﷲ رب العالمين اسان جي ملڪ پاڪستان خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ امن سلامتيءَ جي صورتحال بهتر بڻائي. پوليس ڌاڙيل ڪلچر جي عملي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺڻ لاءِ پاڻ ملهائي ڏيکاري نه سنڌ پوليس جي ساک پت وائکي ٿي رهي آهي.
-
سرحد ڀرسان اغوا ٿيل پورهيت ڀنگ ڀري آزاد، وارثن ۾ خوشي جي لهر
سرحد(رپورٽ:اعجاز دايو) سرحد ڀرسان 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پورهيت ڀُنگ ڀري آزاد، سرحد ڀرسان ڳوٺ تاجُو گهنڃو واسي ڪاٺين جو پورهيو ڪندڙ پورهيت عبدالستار گهنڃو بازياب ٿي گهر پهچي ويو، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پورهيت عبدالستار گهنڃو جي آزادي وارثن پاران پوليس جي اعلى اختيارين کان مدد طلب ڪئي وئي هئي مگر پوليس پاران مغوي جي آزادي ڪو خاطرخواهه قدم نه کڻڻ تي وارثن مايوس ٿي نوجوان جي آزادي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون جنهن دوران راڄوڻي ذريعي ڌاڙيل کي ڀُنگ جي رقم پهچائڻ بعد مغوي عبدالستار گهنڃو جي بازيابي عمل ۾ آئي آھي، پورهيت عبدالستار گهنڃو جي بازيابي بعد وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آھي، ياد رهي ته پورهيت عبدالستار گهنڃو کي 25 ڏينهن اڳ ڪاٺين جي واپار لاءِ قادرپور واري علائقي ڏانهن گهرائي کيس اغوا ڪيو ويو هو.