ڪراچي( م ڊ) پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي ترجمان شازيا عطا مري چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ صوبن جو آئيني حق آهي، هارين جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي ويزن ”امداد نه واپار“ کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو چاهي ٿو ته اميرن کي مليل فائدا غريبن لاءِ رليف ۾ تبديل ڪيا وڃن.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام چاهي ٿي، هارين جي همت افزائي ڪئي وڃي، هاري ملڪ کي کاڌ خوراڪ جي پيداوار ۾ خود ڪفيل بڻائيندا.