ميرپورماٿيلي ۾ اغوا ٿيل نوجوان حسن اشفاق آرائين جي آزادي لاءِ ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ/ نصرالله گڏاڻي) ميرپورماٿيلو مان ٽي ڏينهن اغوا ٿيل نوجوان حسن اشفاق آرائين جي وارثن ۽ شھرين جو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو سوين ماڻھو شريڪ، ميرپورماٿيلو جي نيشنل هاءِ وي تان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان حسن اشفاق آرائين کي اغوا ٿئي ٽي ڏينهن گذري ويا هن مهل تائين گهوٽڪي پوليس ڪو تدارڪ نه ورتو، نوجوان جي آزادي لاءِ مغوي جي والد اشفاق آرائين، ذوالفقار پتافي، عبدالجبار حسيني، مستري درشن لال تنوير ڪورائي ۽  ٻين جي اڳواڻي  ۾ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، مٿين اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جو نوجوان حسن اشفاق آرائين ٽي ڏينهن اڳ ڀاءُ کي نيشنل هاءِ وي تي ڪوچن جي اڏي تي ڇڏڻ ويو هو اتان ڇڏي واپس پنهنجي گهر طرف اچي رهيو هو ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو اسان مسلسل ٻه ڏينهن کان ميرپورماٿيلو ٿاڻي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، اسان جي پوليس ڪا به مدد نٿي ڪري، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گُھر ڪئي ته اسان جي نوجوان حسن اشفاق آرائين کي جلد کان جلد آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، شٽربند هڙتال پڻ ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ايس ايس پي گھوٽڪي جي ٽيم جي انچارج انسپيڪٽر محمد حنيف کوسو وارثن سان ڳالھيون ڪري 24 ڪلاڪ ۾ مغوي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.