ڪوٽڙي(ن ع آ)سنڌ حڪومت کي ڪرسي مسواڙ تي مليل آهي، جنهن حساب سنڌ ڀوڳيندي عام ماڻهو سان نه سرڪار جي ڪا همدردي آهي نه ئي چونڊيل نمائندن جي، سڄي سنڌ بدامني جي ور چڙهيل آهي اهڙو اظهار قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪوٽڙي ۾ چنا هائوس تي عبدالفتاح چنا سان سندس ماسات جي لاڏاڻي تي تعزيت دوران عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته چونڊيل نمائندا چون ٿا ته اسان مٿي پئسا ٿا پهچايون ته ظاهر آهي وڏيرن کي پيسا کپن سرڪار توڙي نمائندن کي عام ماڻهون سان ڪا به دلچسپي ناهي اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن کان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي،ان موقعي تي رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو چيو ته ماڻهو روز پيا قتل ٿين اتي حڪومت ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.