بدامني جي ور چڙهيل ضلعن ۾ فوج جي مدد سان آپريشن ڪيو وڃي: بابل خان ڀيو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ،  گھوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ وڌندڙ بدامني جي خاتمي لاءِ فوج رينجرز پوليس جو گڏيل آپريشن ٿيڻ گھرجي ۽ هتان جي سردارن معززين کي به امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سھڪار ڪرڻ گھرجي سنڌ ڌرتي سڀني جي آهي سنڌ هميشه امن جو گھوارو رهيو آهي ھن چيو ته لوفر جي پٺ ڀرائي ڪندڙ کي معزز ڪو چنگو مڙس نه ڪوٺيو ويندو آهي ھن چيو ته پوليس ۾ مقامي اھلڪارن کي ٻن سالن کان وڌيڪ نوڪري ڪرڻ نه ڏنو وڃي ڇو جو وڌيڪ وقت اھلڪار رھندو ته امن امان ۾ اثر پئجي سگهي ٿو، ھن چيو ته بدامني ۾ واڌاري جو سبب قبائلي جھيڙا به آهن انهن کي ختم ڪرڻو پوندو ھن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي اسان جي ڪوشش ۽ مقصد آهي ته امن امان قائم رھي جئين عوام سک جو ساه کڻي ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سامونڊي پٽي جي تباهي ۽ پنھنجي کاتي بابت ڪا ڄاڻ نه آهي اربع تي ڪراچيءَ ۾ کاتي جو اجلاس گھرايو آھي انگ اکر ڏسي پوءِ ڳالھائيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.