حڪمرانن عوام کي ڌاڙيلن حوالي ڪري ڇڏيو آهي: سردار عبدالرحيم

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو  آھي ته حڪمرانن سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ،ڪراچي ،گھوٽڪي، ڪشمور ،جيڪب آباد ، خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آھي،سوين ماڻھون ڌاڙيلن وٽ قيد آھن،جن کي فوري طور تي آزاد ڪرائي امن امان قائم رکڻ لاءِ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو وڃي،ڌاڙيلن جي خاتمي سان سان ئي متاثر علائقن ۾ زندگيون معمول تي اچي سگھن ٿيون،ڪشمور ۾ استاد کي قتل ڪرڻ سميت ڌاڙيل يرغمالين کي گوليون ھڻي وڊيو وائرل ڪن پيا جنھن جي ڀرپور مذمت ڪجي ٿي ،ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ پوليس جي وس جي ڳالھ ناھي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.