اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي مشن وچ ۾ اقتصادي جائزي بابت ڳالهيون مڪمل ٿي ويون، پاڪستان لاءِ 1.1 ارب ڊالرن جي آخري قسط جا امڪان آهن، حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف مشن کي معاشي ڪارڪردگي تي مطمئن ڪري ورتو. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وفد ۽ پاڪستاني عملدارن وچ ۾ اقتصادي ۽ مالياتي پاليسين جي يادداشت (ايم اي ايف پي) کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ معاهدي جي حتمي جائزي دوران مڪمل ٿي ويون. ناڻي واري وزارت جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿيڻ جو امڪان آهي، ڳالهيون تعميري ۽ مثبت انداز ۾ ختم ٿيون، آءِ ايم ايف ڳالهين جي ڪاميابي بابت تفصيل جاري ڪندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا مقرر ٽه ماهي هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيا آهن، آءِ ايم ايف جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ بروقت، سنجيده قدم کنيا آهن، ڳالهين جي ڪاميابي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ عملي سطح تي معاهدو به ٿيندو. آءِ ايم ايف حڪومت کان بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ پرچون فروشن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ ايندڙ قرض جي قسط جاري ڪرڻ کان اڳ خاطري گهري آهي. ان صورتحال ۾ حڪومت مشڪل ۾ آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ممڪن ڊيڊ لاڪ جي حوالي سان اڱاري ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ اهم اجلاس ٿيو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف موجوده اسٽينڊنگ معاهدي جي ٻئي جائزي تي اتفاق ڪرڻ کان اڳ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ بابت اعليٰ سطحي اطمينان جو مطالبو ڪري رهيو آهي. مالياتي اداري جي مشن بشمول وزيراعظم کان اعليٰ سطحي اطمينان جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ريٽيلرز لاءِ اسڪيم جو به اعلان ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اڳ ۾ ئي ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن پروگرام کي فنڊ مشن سان شيئر ڪري چڪي آهي ۽ رئيل اسٽيٽ سيڪٽر لاءِ ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ پرچون ۽ هول سيل ٻنهي شعبن جي موثر ريگيوليشن لاءِ لاڳاپيل قانون سازي ۽ ماتحت قانون سازي کي ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ صوبن جي سهڪار سان شامل ڪيو ويندو، پرچون فروشن کي به لازمي رجسٽريشن ذريعي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو.