مريم نواز جي ضمانت تي مليڪه بخاري کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزير. اعلي’مريم نواز جي ضمانت تي  پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي مليڪه بخاري کي پنهنجي ڀيڻ جي عيادت لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. مليڪه بخاري پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملڻ تي مريم نواز جو ٿورو مڃيندي چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته کيس مريم نواز جي ضمانت تي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي موڪل سندس نالو "نو فلاءِ لسٽ” مان ڪڍيو ويو آهي. ان کان اڳ مليڪه بخاري پنهنجي وڏي ڀيڻ جي بيماري سبب پرڏيهه وڃڻ جي اپيل ڪئي هئي. مليڪه بخاري سوشل ميڊيا تي لکيو ته منهنجي وڏي ڀيڻ وينٽيليٽر تي آهي ۽ سندس سڀئي ڀائر آسٽريليا وڃي رهيا آهن، مان به پنهنجي ڀيڻ کي ڏسڻ چاهيان ٿي پر منهنجو نالو” نو فلائي لسٽ” ۾ آهي، مونکي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. جنهن کانپوءِ پنجاب جي وزير اعلي’ مريم نواز کيس جواب ڏنو ته هوءَ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائيندي، مريم نواز اعلي’ اختيارين سان ڳالهائي سندس نالو "نو فلاءِ  لسٽ” مان ڪڍرايو، مريم نواز اختيارين کي خاطري ڪرائي ته هوءَ وطن واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.