شهيدن خلاف مهم هلائيندڙن جو دهشت گردن سان رابطو آهي:حڪومت\ن ليگ شهيدن جي نالي تي سياست پئي ڪري: پي ٽي آءِ

سيالڪوٽ/لاهور( م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي خيبرپختونخواهه ۾ ٿي رهي آهي، شهيدن خلاف بيان ڏيڻ وارن جو دهشتگردن سان رابطو ضرور هوندو، سيالڪوٽ  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان جي خلاف دهشتگردي گهڻو ڪري افغان سرزمين مان ٿي رهي آهي، جيڪي دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان اچي رهيا آهن، هتان جا ئي ماڻهو انهن کي پناهه ڏيندا آهن، خواجه آصف چيو ته فوج جنهن ريت قربانيون ڏئي رهي آهي ان جي جيتري به عزت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگردي خلاف جنگ متحد ٿي ئي وڙهي سگهجي ٿي، شهيد اسان جا محسن آهن، ملڪ انهن جي ڪري ئي قائم آهي، تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته هي جماعت پنهنجي سڃاڻپ وڃائي چڪي آهي، اها سني اتحاد ڪائونسل آهي يا پي ٽي آءِ، خبر ناهي اسيمبلي ۾ غزه جي قرارداد جي خلاف ووٽ ڏنو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان سمورن پارٽين جا اختلاف هئا، پر ڪنهن به اهڙو رويو اختيار نه ڪيو،هن چيو ته هي ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ڳولي رهيا آهن، هي بي نامي واري پارٽي آهي، سندن ئي ڪاررواين سبب اقتدار سندن هٿن مان کسيو پيو وڃي آمريڪي ڪانگريس کي لکيل خط پاڪستان مخالف آهي. هوڏانهن  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته شهيدن جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ جوڳي نه آهي. اهڙن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ پاڪ فوج جا جوان ۽ آفيسر شهيد ٿيا پر هڪ سياسي پارٽي شهيدن جي قربانين بابت سوشل ميڊيا تي توهين جوڳي مهم هلائڻ مذمت جوڳي آهي.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته هڪ سياسي پارٽي اڳ به شهيدن جي خلاف توهين جوڳو رويو رکي چڪي آهي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم اهڙن اڪائونٽن ۾ ملوث آهي.هن چيو ته شهيدن سان اهڙو رويو برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن. اسان شهيدن جي گهر ڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. سوشل ميڊيا مهم جي پٺيان ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. اهڙي طرح جي مهم هلائيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.عطا تارڙ چيو ته شهيدن جي قربانين جو مذاق اڏائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. سو ڀيرا سياسي تنقيد ڪريو پر خدارا شهيدن جي خلاف ته اهڙي زبان استعمال نه ڪريو. سرحد جي پار پاڪستاني مخالف لابي به انهي مهم ۾ حصو وٺي رهي آهي.سڌ سماءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته  ٽيڪس اصلاحات ۽ ايف بي آر جي ٽطيم تي نئين سري سان ڪم ڪيو پيو وڃي.  ڪوبه اهڙو ڏينهن نٿو گذري جڏهن وزيراعظم معيشت بابت ڪنهن اجلاس جي صدارت نه ڪندو هجي. سياسي استحڪام جي نتيجي ۾ ئي معاشي استحڪام ايندو آهي.عطاءُالله تارڙ چيو ته وزيراعظم روزاني جي بنياد تي اقتصادي معاملن تي اجلاس ڪوٺائي رهيو آهي. ملڪي معاشي صورتحال فوري قدم کڻڻ جهڙا نه آهن. خساري ۾ ويندڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. قومي يڪجهتي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان کي گڏ ٿيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ نه ڏينداسين ماڻهن جي زندگين کي آسان بنائڻ اسان جو مشن آهي. آءِ ايم ايف جي عمارت جي سامهون احتجاج جو ڪهڙو مطلب آهي. پاڪستان اچي احتجاج ڪريو. اسان ملڪ کي اڳيان کڻي وڃن چاهيون ٿا. اسان  کي قومي مسئلن تي گڏ ٿيڻ گهرجي. ميثاق معيشت جي اسان جي دعوت قبول ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ جي اهڙي حالت نه هجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.