ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪارن پاران منشيات فروشن کان ڀتو وصول ڪرڻ واري وڊيو جو ءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي نوٽس وٺندي ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم کان رپورٽ طلب ڪندي ملوث پوليس عملدارن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم جاري ڪيو جنهن کانپوءِ ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو ڊاڪس ٿاڻي تي مقرر ٿيل اي ايس آءِ بادشاھ خٽڪ، ڪانسٽيبل طارق کي معطل ڪري ايس ايس پي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صحافين پاران وڊيو بالا آفيسرن کي موڪلي وئي جنهن کانپوءِ پوءِ ايڪشن ورتو ويو.