نوابشاهه( ن ع آ) صدر آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري اين اي 207 تي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، پيپلز پارٽي پاران آصف زرداري جي صدر ٿيڻ بعد خالي ٿيل سيٽ اين اي 207 شهيد بينظير آباد تان آصفه ڀٽو زرداري کي اليڪشن ۾ حصو وٺرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آصف ڀٽو زرداري اين اي 207 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ به ڪرائي ڇڏيا آهن، تڪ ۾ ننڍي چونڊ 21 اپريل تي ٿيندي، ياد رهي ته آصف علي زرداري 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ان تي تڪ تي آزاد اميدوار شير محمد رند کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.