وزيراعظم پاڪ فضائيه جي سربراهه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي،وزيراعظم شهباز شريف ايئر چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي سمري صدر کي موڪلي ڇڏي آهي، صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابرسنڌو جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪندو. ظهير احمد بابر 19 مارچ 2021ع تي پاڪ فضائيه جي ڪمان سنڀالي. هن 1986ع ۾ پاڪستان ايئر فورس ۾ فائٽر پائلٽ طور شامل ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.