حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر جي گهر ۾ ملازمت ڪندڙ عمر ڪوٽ واسي نوجوان جو پراسرار نموني ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، فوتي نوجوان جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ٿي وئي آهي،نوجوان جو لاش اڃا تائين سرد خاني ۾ پيل آهي، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوجوان جي ڳلي تي نشان ظاهر ٿيا آهن، نوجوان جي وارثن پاران پوسٽ مارٽم تي عدم اعتماد ظاهر ڪيو ويو آهي، وارثن پاران لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اڄ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي، لاش بدستور حلال احمر جي مرده خاني ۾ رکيل آهي، وڏي تعداد ۾ عمر ڪوٽ واسي حلال احمر پهتل آهن. حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد يونٽ نمبر 5 واري علائقي جي گهر نمبر 46 (اي) مان گهريلو ملازم 20 کان 22 سالا نوجوان عبدالرحمان ولد ملوڪ سميجو جو مبينا طور تي ڦاهو کاڌل لاش مليو هو، گهر ڌڻي ڊاڪٽر نعيم بابر وارن وارثن کي اطلاع ڏيڻ بعد وارثن جي پهچڻ کان اڳ ئي فوتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ڇڏيو هو، جنهن تان نوجوان جي وارثن آپگهات کي رد ڪندي نوجوان کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو، بي سيڪشن پوليس وارثن جي مطالبي کانپوءِ فوتي نوجوان جي چاچي جي فرياد تي واقعي جو ڪيس ڊاڪٽر نعيم ۽ ليڊي ڊاڪٽر سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. فريادي حبيب الله ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو هو ته سندن تعلق عمرڪوٽ جي سهراڻي ڳوٺ سان آهي، سندس ڀائٽيو ڪيترن ئي سالن کان ڊاڪٽر مهوش چوهاڻ وٽ سندس اسپتال ۾ ملازم طور ڪم ڪندو هو، جنهن کي هو پنهنجي گهر ۾ رهائيندا هئا ۽ گهر ۾ هن کان باورچي طور ڪم ڪرايو ويندو هو. فريادي موجب ته شروعاتي بيان ۾ ڊاڪٽر نعيم ۽ سندس زال ڊاڪٽر مهوش ڄاڻايو آهي ته عبدالرحمان واش روم ۾ لڳل هينگر ۾ شلوار وارو اڳٺ ٻڌي مبينا ڦاهو کاڌو آهي، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي، ڇو ته هينگر لوهي راڊ جو نه پر پلاسٽڪ جو آهي، جيڪو واش روم ۾ 4 فٽ جي اوچائي تي لڳل آهي ۽ نوجوان جو قد 6 فٽ هئڻ سبب هو هينگر ۾ آپگهات ڪيئن ڪري ها، ان ڪري کين شڪ آهي ته ڪن اڻڄاتل سببن جي ڪري سندس ڀائٽي کي زال مڙس قتل ڪيو آهي، جنهن ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن گذريل ڏينهن 16 مارچ تي نوجوان جي ٿيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان جي ڳچي تي نشان ظاهر هئا اهي نشان رسي جا هئا يا گهٽن جا هئا ان بابت رپورٽ ۾ ڪجهه به ڄاڻايو نه ويو هو.