ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ) پاٽ شريف ۾ گذريل ڏينهن فائرنگ سبب قتل ٿي ويل ذوالفقار چانڊيو جي معامري جي اصل حقيقت سامهون اچي وئي پاٽ شريف ۾ رڪڻ پوليس ٿاڻي تي مقتول ذوالفقار چانڊيو سميت چانڊيا برادري جي 10 ڄڻن تي فريادي بشير احمد پٽ غلام محمد سيال جي فرياد تي 20 لک ڀتو وٺڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته جوابدارن ۾ مقتول ذوالفقار چانڊيو پٽ شاهن چانڊيو بشير عرف بگو چانڊيو پٽ شاهن چانڊيو سجاد پٽ وزير چانڊيو مير پٽ غازي چانڊيو ناصر پٽ حبيب الله چانڊيو ۽ پنج نامعلوم جوابدارن تي ڀتي وٺڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ايف آئي آر ۾ فريادي بشير احمد سيال ڄاڻايو آهي ته گذريل رات چانڊيو برادري جي ڏھن ھٿياربندن پاٽ شريف لڳ ڳوٺ پھلوان چانڊيو ۾ اسان جي گھرن تي ڀتو وٺڻ لاءِ رات جي وقت حملو ڪري ڏنو فائرنگ نتيجي ذوالفقار چانڊيو قتل ٿي ويو خبر ناهي ته ان کي ڪنهن جي گولي لڳي ۽ ڪنهن ماريو آهي ٻئي پاسي ايس ايچ او طارق لاکير رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پاٽ شريف ۾ فائرنگ سبب قتل ٿيندڙ ذوالفقار چانڊيو جي واقعي جي جاچ پڙتال کان پوءِ چانڊيا برادري جي ڏھن ھٿياربندن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي