وفاق کان ملندڙ پئسا خيرات نه اسان جو حق آهي: علي امين گنڊاپور

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاق کان ملندڙ پئسا خيرات نه اسان جو حق آهي جيڪو   اسان هر صورت ۾ وٺي رهنداسين. ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجي پهرين ترجيح صوبي ۾ امن امان  ڪرائڻ آهي. امن کان سواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي. امن امان جي حوالي سان مڪمل پلان بنائي ورتو آهي جنهن تي جلد ڪم شروع ٿيندو. علي امين چيو ته منهنجي ترجيح صوبي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي اسان ماڻهن کي مڇي پڪڙڻ سيکارينداسين، هن  چيو ته وفاق کي جيڪي اسان کي بقايائون ڏيڻون آهن ته اهي ته کين ڪنهن به صورت ۾ ڏيڻيون پونديون، اهو اسان جو حق آهي. ڪنهن کان خيرات نه گهري رهيا آهيون. اسان جو صوبو اوهان کي سستي اگهن تي بجلي ڏئي رهيو آهي جيڪا اوهان مهانگي اگهن تي وڪرو ڪري رهيا آهيو.

  1. ڪي پي ۾ دهشت گرد ٻيهر آباد ڪندڙ گرفتار ڪيا وڃن: شازيا مري

اسلام آباد (م ڊ)  پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي اطلاعات واري سيڪريٽري شازيا مري چيو آهي ته دهشت گردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري   جي ويزن تي عمل  ضروري آهي، پنهنجي بيان ۾ هن  چيو ته محترمه بينظير شهيد ٻڌائي وئي هئي ته دهشت گرد  ملڪ  ۽ قوم جا دشمن آهن، شازيه مري چيو ته دهشتگردي جي هٿان شهيد ٿيل خاندانن سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو درد جو رشتو آهي، هن چيو ته اهي ماڻهو پڪڙ جوڳا آهن جن خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن کي ٻيهر آباد ڪيو.

  1. ڪراچي ۾ گرمي پد 35 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) ملڪ ۾ موسم تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ڏينهن جي وقت گرمي  جو زور وڌندو پيو وڃي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي پد ۾ اضافي جو  امڪان آهي ۽ پارو 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو. ٻئي طرف موسمياتي تجزيه ڪار موجب ڪراچي سميت سنڌ جي ميداني علائقن ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ اضافو ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف هنڌن تي موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسمياتي تجزيه ڪار ٻڌايو ته سنڌ جي ميداني علائقن ۾ اڄ کان اربع تائين ڏينهن جو گرمي پد ڪجهه وڌيڪ رهي سگهي ٿو. ان دوران مختلف علائقن ۾ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. موسميات تجزيه ڪار موجب سنڌ جي اوڀر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ گرمي پد 38 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد 35 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

  1. ڊفينس ۾ ڀتاخورن جو سربراهه گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس ڊفينس بدر ڪمرشل ۾ گڏيل ڪاروائي ڪندي ڀتا خورن  جي سربراھ عارف علي کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان مطابق جوابدار ڪلفٽن جي واپاري کان 20 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو ھو ڀتي جي رقم نه ڏيڻ تي سنگين نتيجن جي ڌمڪيون ڏنيون ھيون. جوابدار ڀتي جي ڪال جي بعد موبائل فون بند ڪندو ھو . ان کان اڳ به  جوابدار 2 ماڻھن کان 10 لک رپيا ڀتو وصول ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو رينجرز ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري جي لاء ڇاپا لڳايا پيا وڄن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.