رپورٽون آهن ته وفاقي حڪومت، اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي ۾ تبديلي بابت آءِ ايم ايف جو مطالبو رد ڪندي چيو آهي ته مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائي نه ٿو سگهجي. حڪومتي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ وفاقي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ هلندڙ ڳالهين جي پهرين ڏينهن تي آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو هو ته مالياتي ايوارڊ جي فارمولي ۾ تبديلي ڪري صوبن جي حصي تي نظرثاني ڪئي وڃي پر حڪومت آءِ ايم ايف جي اها گُهرَ رد ڪندي موقف رکيو ته ايوارڊ ۾ صوبن ۽ وفاق جو جيڪو حصو آئين تحت طئي ٿيل آهي. تنهن ۾ تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته وفاق جون اوڳاڙيون بهتر بڻائڻ لاءِ متبادل ذريعا ڳوليا ويندا. واضح رهي ته آءِ ايم ايف اين ايف سي ايوارڊ ۾ پهريون به نظرثاني جو مطالبو ڪندو رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت پڻ اهڙي قسم جو ارادو ڏيکاريندي رهي هئي.
انهيءَ حوالي سان هڪ اينڪر پرسن ۽ تجزيي نگار مصور علي خان جو تجزيو پڻ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته” جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽايو ويندو ته ان سان حڪومت جي اتحادي پ پ ناراض ٿي ويندي جيڪا ڳالهه شهباز شريف جي سرڪار لاءِ ڏکي ثابت ٿيندي“. جيڪڏهن بقول منصور علي خان جي پ پ اتحادي جماعت هوندي به فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ٿي ته اهو مثبت عمل ليکبو.ان حوالي سان ڏسجي ته پ پ ارسا جي مقرر ٿيل تڪراري چيئرمين جي حڪومتي منظوري جي خلاف سخت احتجاج ڪيو هو جنهن نتيجي ۾ شهباز شريف جي حڪومت فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ٿيو هو ۽ ايئن هاڻي به جيڪڏهن پ پ جي ڪاوڙ جي ڊپ کان حڪومت اين ايف سي ايوارڊ جي مالياتي فارمولي مان صوبن جي ڪٽوتي جو مطالبو رد ڪيو آهي ته اها هڪ غير معمولي ۽ واکاڻ جوڳي ڳالهه چئبي.
اسان سمجهون ٿا ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) ملڪ جون نه رڳو سينئر سياسي جماعتون آهن پر ٻنهي جماعتن کي وسيع حڪومتي تجربو به آهي جيڪو کين اڄ ڪم اچي رهيو آهي. جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪا غلطي ڪري ٿي يا ڪندي ته پ پ ان جي رهنمائي لاءِ موجود آهي. ان حساب سان جيڪڏهن وزيراعظم شهباز شريف ايئن ئي مثبت نموني پ پ جي صلاح سان هليو ته يقينن هڪ سٺي حڪومت عوام کي ملي سگهي ٿي.
پر ساڳي وقت جيڪڏهن ايئن ئي فيصلي سازي ۾ اختلاف ٿيندا رهيا ته ممڪن آهي ته ڪو وڏو حادثو ٿي پوي تنهن ڪري اهڙي حادثي کان بچڻ لاءِ لازمي آهي ته گڏيل طور فيصلا ڪيا وڃن، اتحادي جماعتن سان صلاح ڪري کين اعتماد ۾ وٺي ڪري پوءِ فيصلا ڪرڻ گهرجن. ان سان ايئن ٿيندو ته اتحادي جماعتن اندر فيصلي ٿيڻ کانپوءِ اختلافن جو امڪان گهٽجي ويندو. ان جو ٻيو مثال آءِ ايم ايف جي صوبن جو مالياتي حصو گهٽائي وفاق جو وڌائڻ واري تجويز کي رد ڪرڻ آهي جنهن ۾ لڳي ٿو ته پ پ جو خيال ڪيو ويو آهي ۽ ان نتيجي ۾ هڪ سٺو فيصلو ٿيو جنهن سان حڪومت جي نيڪ نامي ٿي ته ان صوبن جو مالياتي حصو گهٽائڻ کان انڪار ڪندي صوبن کي اهميت ڏني آهي ۽ اهو تاثر به پيدا ڪيو آهي ته حڪومت عوام دشمن مطالبن يا تجويزن کي رد به ڪري سگهي ٿي. سو اصل ڳالهه وري به اها ڪبي ته فيصلا گڏيل صلاحن سان ڪرڻ گهرجن جنهن سان سٺا ئي نتيجا نڪرندا.
-
هاڻي ملڪي اشرافيه کي مالي بار برداشت ڪرڻ گهرجي
ڪجهه ڏينهن اڳ نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته هن دفعي ملڪي اشرافيه لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا ويندا يعني غريب عوام مٿان گهٽ دٻاءُ وڌ ويندو. اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايئن ٿيوته اهو وقتائتو فيصلو هوندو. اصل ۾ هتي هميشه کان مالي خساري جو بار غريب عوام تي وڌو ويو آهي. ان جي بجلي، گيس، پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪيو ويو آهي. پر هن ڀيري جيڪڏهن مٿين طبقي کي قرباني ڏيڻي پئي ٿي ته ان کي خوشي سان اها قرباني ڏيڻ گهرجي.
ان حوالي سان صدر آصف زرداري ۽ وفاقي وزير محسن نقويءَ جيڪو پگهار نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي تنهن کي عوام مذاق طور ورتو آهي. عام راءِ اها آهي ته بجاءِ ان جي ته اهي پنهنجيون انفرادي پگهارون نه وٺن پر جيڪڏهن اهي مجموعي طور تي پنهنجي حڪومت يا وزارتن جا خرچ گهٽائن ته تڏهن وڃي ڪو فرق پوندو باقي پگهار نه وٺڻ سان ڪو خاص مالي فائدو نه ٿيندو. اصولي طور تي حڪمرانن ۽ ڪامورن کي هيل پنهنجا عياشين وارا خرچ گهٽائڻ گهرجن ۽ سادگي اختيار ڪرڻ گهرجي.
ان معاملي ۾ وزيراعظم شهباز شريف وٽ جيڪو پروگرام آهي ته هيل غريب عوام کان وڌيڪ اشرافيه طبقي تي مالي بار وڌو ويندو تنهن پروگرام کي واضح ڪيو وڃي يا ان جي همت افزائي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان تجويز سان پهريون ڀيرو اشرافيه طبقي کي مهانگائي برداشت ڪرڻي پوندي جڏهن ته عام طور تي غريب طبقي تي. مهانگائي جو بار پوندو رهيو آهي. غريب عوام وٽ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ هاڻي بچيو به ناهي. اهو ته هاڻي ٽي وقت ماني جو خرچ به ادا نٿو ڪري سگهي، بيروزگاري به سندس مقدر بڻيل آهي.جڏهن ته ٻئي پاسي اشرافيه طبقي کي وڏيون مراعتون ۽ شاهي خرچ مليل آهن جڏهن ته سندن ڪم به نظر ناهي ايندو. سو غريب عوام تي هيل بار نه وجهڻ واري وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان جي آجيان ڪجي ٿي، ضرورت صرف ان کي عملي شڪل ڏيڻ جي آهي.