ايمنسٽي انٽرنيشنل جو پاڪستان حڪومت کان ايڪس جي بحالي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستان حڪومت کان ايڪس جي بحالي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختياريون فوري طور ايڪس بحال ڪرائين.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايڪس جي بندش مختلف سياسي جماعتن جي راءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته سوشل ميڊيا سائٽس جي بندش اظهار جي آزادي جي بنيادي حق جي ڀڃڪڙي آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ 17 فيبروري کان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تائين پهچ بند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.