سنڌ ڌرتي جيڪا امن محبت ڀائيچاري ۽ صوفين جي ڌرتي آھي اڄ جيڪو ظلم جبر ڏاڍ ۽ ڌاڙيلن جي نالي سان مشھور آھي اتر سنڌ ۾ ھر طرف چوريون ڦرون ۽ خاص طور تي ھندن کي ٽارچر ڪيو پيو وڃي، سنڌ جا اصل وارث ڌرتي ڌڻي جيڪي تمام وڏي خوف و هراس ۾ وٺجي ويا آھن ، گھوٽڪي ضلعي مان نوجوان رتڪ ڪمار جي اغوا کانپوءِ نوجوان کي بازياب ته ڪرايو ويو پر ذريعن موجب ان کي ڳري رقم عيوض بازياب ڪرايو ويو آھي جڏھن ته ڌاڙيلن پاران ھر روز سنڌ جي ھندو واپارين کي موبائل فون تي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڀتا گھرڻ جي ڪري سنڌ مان ڪيترائي ھندو خاندان سنڌ ڇڏي ھليا ويا آھن ۽ ڪيترائي خاندان ويزا جي انتظار ۾ آھن جيڪي سنڌ ڇڏي ڀارت ملڪ ھليا ويندا .
سنڌ ڌرتي اھا ڌرتي آھي جيڪا امن محبت ۽ ڀائيچاري جي ڪري ھند توڙي سنڌ سميت مختلف مُلڪن ۾ پنھنجي مھمان نوازي عاجزي نياز نوڙت جي ڪري مشهور آھي ھر سال سوين سنڌي ھندو ياتري سنت يڍشٽر لعل جي اڳواڻي ۾ قافلي جي صورت ۾ پنھنجي وڏڙن جي جنم ڀومي تي اچي حاضري ڀرائيندا آھن ، گذريل سال جڏھن سوين تعداد ۾ سنڌي ھندن جو ڪافلو جڏھن سنڌ جي ننڍڙي شھر امر شهيد ڀڳت ڪنور رام صاحب جي جنم آستان ڏيوري صاحب جروار ۾ پھتا ته سنڌ لاءِ انھن جي محبت ۽ چاھت ڏسڻ وٽان ھئي انھن جڏھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي پنھنجي وڏڙن جي جنم ڀومي پھچي ڪري ايترو آنند ۽ سڪون ملندو آھي جيڪي لفظن ۾ بيان نٿا ڪري سگھون ۽ امر راڳي ڀڳت ڪنور رام صاحب جي زندگي جي مثال سڀني جي سامھون آھي ته ھن پنھنجي سڄي حياتي راڳ ڳائي بنا ڪنھن مذھب بنا ڪنھن رنگ نسل بنا ڪنھن ذات پات جي ھميشه پنھنجي سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪئي ھوءَ ھڪ صوفي درويش ھو ۽ انسانيت جي خدمت کي اول ترجيح ڏيندو ھو جنھن جي ڪري ھر سال ھندو ياترين جو قافلو ھن جي جنم آستان ڏيوري صاحب تي حاضري ڀرائيندا آھن پر افسوس جھڙي ڳالھه آھي ته ھن محبت ۽ امن جي ڌرتي کي ڪنھن بدنظر ماڻھن جي اھڙي نظر لڳي جو ھر ماڻھو پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن ۽ پنھنجي گھر ۾ پرسڪون ۽ پاڻ کي محفوظ نٿا سمجھن.
سنڌ ۾ ھاڻي اھو ساڳيو امن ناھي رھيو جنھن ڪري سوين ھندن جو قافلو ھرروز سنڌ ڇڏي پرڏيھه وڃڻ تي مجبور ٿي رھيا آھن ۽ ھر روز ڪاروباري ھندن کي فون ڪال ذريعي مختلف گينگن جا ڌاڙيل ڪال ڪري حراسان ڪري رھيا آھن ۽ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ اغواڪارين ۽ قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏيئي رھيا آھن ڪجھه ڏينھن اڳ ڪرمپور شھر جو ھندو واپاري انيل ڪمار ۽ سندس ڀاءُ آتم مل فيملي سميت پنھنجي ڌرتي ماءٌ کي ڇڏي ھميشه لاءِ ڀارت روانو ٿي ويو اسان جي سنڌ حڪومت ھن مھل تائين انھن ڌاڙيلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ لاءِ ته ڪي به جوڳا قدم ڪونه کنيا پر افسوس جھڙي ڳالھه اھا آھي ته سنڌ مان لڏپلاڻ ڪندڙن ھندو برادري کي اھو به آٿت ڪونه ڏنو ويو ته اوھان پنھنجي جنم ڀومي شھر کي نه ڇڏي وڃو اسان اوھان جي حفاظت ڪنداسين!!! پر سنڌ حڪومت جي خاموشي مان اھو اندازو پڻ لڳائجي ته حڪومت ھٿن سان سڀ ڪجھه ڪرائي ٿي يا وري ڪا اھڙي طاقت آھي جنھن جي اڳيان حڪومت گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي وئي آھي ، پر ھڪ ڳالهھ ضرور ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته سنڌ مان ھندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌ جي معيشت کي به وڏو نقصان رسندو ۽ ڪيترائي مسلمان نوجوان بيروزگار ٿيندا ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ جيڪي مسلمان ملڪن کي دھشتگرد ملڪ سڏيندا آھن خاص ڪري پاڪستان جا ڪيترائي مخالف ملڪ آھن انھن کي ھڪ موقعو ملي ويندو ۽ وري عالمي سطح تي اھي آواز اٿاريندا ته سنڌ مان اقليتن تي ظلم جاري آھي ۽ اقليتن جي تحفظ لاءِ جيڪي ادارا قائم ٿيل آھن اھي به حرڪت ۾ ايندا .
سنڌ مان ھندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ به امن امان بحال ٿيڻ مشڪل آھي ھڪ طرف ھندن جي لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وئي آھي ته ٻي طرف ھتان جا مقامي ماڻھو مسلمانن جي به ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي تنھنڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪجھه بھترين شخصيتون وفد جي صورت ۾ ھندن سان ملاقات ڪري انھن کي تحفظ ڏيڻ جي يقين دھاني ڪرائي وڃي اتر سنڌ جي مختلف ڪچي ۾ جيڪي نوگو ايريا بڻيل آھن اتي ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪري سنڌ پوليس کي مارٽر گولا ، ٽينڪون ۽ جديد ھٿيار ڏيئي بي رحماڻو آپريشن ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ جيڪي ھر سال قافلي جي صورت ۾ سنڌ ايندڙ ھندو جيڪو ھتان پيار محبت ۽ امن جو پيغام کڻي ويندا ھئا اھي ھتي اچڻ ته ڇڏي ويندا پر سنڌ جا رھاڪو ھندو به پنھنجي ڌرتي ڇڏي ھليا ويندا جيڪو ٻاھرين ملڪن ۾ اسان جي لاءِ بدنامي بيعزتي ۽ ذلت جو سبب به بڻجندو ته وري اسان جي معيشت کي به نقصان پھچندو .