شھيد هوش محمد شيدي، سندس مزار ۽ سنڌ حڪومت

تحرير: رياض بلوچ

ڪجهه ڏينهن اڳ عوامي پريس ڪلب ملير جي ٽيم سان گڏ مير ٽالپرن جي دور جي مشهور جنرل هوش محمد شيديءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو موقعو مليو۔  هيءَ مزار حيدرآباد ضلعي جي ديھه ناريجا ۾ موجود آهي، جنهن جو اڏاوتي ڪم 2018ع ۾ مڪمل ٿيو۔ مقامي ماڻهن موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي حڪم تي سنڌ حڪومت چار ڪروڙ جي لاڳت سان هوش محمد شيدي جي مزار ۽ ان سان لڳو لڳ هڪ لائبريري ۽ هڪ پارڪ ٺاهڻ جي منظوري ڏني پر مزار جي اڏاوت کان سواءِ ٻيا ڪم ٿي نه سگهيا

جنرل هوش محمد شيدي 1943ع انگريزن سان دٻي جي ميدان ۾ جنگ ڪندي شهيد ٿيو هو۔ سندس نعرو مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون مشهور آهي۔ ھوشو اصل ۾ حبشي غلام ھو، جنھن جو والد سنڌ جي تڏهوڪي حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر وٽ ڪم ڪندو ھو، جيڪو ايراني نار مان اسمگل ٿي ڪراچي بندر تي وڪاميو ھو. وليم نيپئر پنهنجي ڪتاب ‘فتح سنڌ’ ۾ هوشو شيديءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هوشو اصل ۾ فرينچ سپهه سالار نيپولين جي فوج جو سپاهي هو، اتي مصر ۾ رهي انگريزن جي فوج سان وڙهيو. توپ خاني جي مهارت فرانسيسين کان حاصل ڪيائين. مصر کان پوءِ مسقط آيو. جڏهن سنڌ جي اميرن مسقط جي اميرن کان توپون گهرايون، تڏهن هوش محمد شيدي به انهن سان گڏجي هتي آيو ۽ هن سنڌ کي هميشه لاءِ پنهنجو وطن بڻايو.

تاريخ جي ڪتابن ۾ ھوش محمّد شيديءَ جي ولادت جو سال 1782ع، 1791ع ۽ 1801ع لکيل آهي۔  هوش محمد شيدي، مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار جو همعصر ۽ ساٿي هو، مير صوبدار خان پنهنجي والد مير فتح علي خان جي وفات 1802ع کان ڪجه مهينا اڳ ڄائو هو۔ ڪجه محققن جو چوڻ آهي ته هوش محمد شيدي، جنگي مشقن ۾ مير صوبدار جو استاد پڻ ھو۔ جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ هوش محمد شيدي 1782ع ۾ ڄائو هوندو ۽ 1843ع ۾ سندس ڄمار 61 سال هوندي۔ پر هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا 61 سالن جي ڄمار ۾ ماڻهو ايڏي ڦڙتيءَ سان وڙهي سگهي ٿو؟ منهنجي خيال ۾ هوش محمد شيدي 1801ع يا 1791ع ۾ ڄائو هوندو پر بهرحال ان بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي۔

شيدين جي غلامي ۽ مختلف ملڪن ۾ سندن وڪري جو داستان نهايت ئي ڏکوئيندڙ آهي۔ انهن طرحين طرحين جا عذاب سٺا۔ ماستر محمد صديق مسافر، جيڪو پاڻ به شيدي هو ان پنهنجي ڪتاب ” غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا“ ۾  شيدين جي غلاميءَ جو داستان تفصيل سان لکيو آهي۔ ساڳي موضوع تي ٻين ٻولين ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب موجود آهن۔ سنڌ ۾ شيدي برادري وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهن ٿا۔ سنڌي شيدين کي قمبراڻيءَ جو لقب پڻ مير فتح علي خان ٽالپر ڏنو هو۔ سنڌ ۾ ڪجھه شيدي غلام اهڙا به هئا، جيڪي پنهنجي ذهانت، وفاداري ۽ بهادريءَ جي ڪري مالڪن جا منظور نظر بڻجي ويا ۽ انهن ممتاز حيثيتون حاصل ڪيون، جن ۾ هوش محمد عرف هوشو شيدي پڻ هڪ هو. مورخن موجب هوش محمد هڪ خانه زاد هو، يعني سندس پيدائش ۽ پرورش شاهي گهراڻن ۾ ٿي هئي، سندس پيءُ حيدرآباد جي حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر جي اطاعت هيٺ هو. اهڙن غلامن کي عزتدار حيثيت ڏيڻ لاءِ ٽالپرن  کين ‘قمبراڻي’ جو لقب ڏئي ڇڏيو هو. قمبر، حضرت علي عه جي پياري ۽ وفادار غلام جو نالو هو، جنهن کي هن آزاد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ نسبت سان شيدي نسل وارن غلامن ۾ وفاداريءَ جو عنصر ڏسي ٽالپر حڪمرانن کين ‘قمبراڻي’ جو لقب ڏنو.

شهيد هوشو شيدي جي مزار تي شيدي قبيلي جي مقامي ماڻھن صحافين سان ڳالھائيندي شڪايت ڪئي ته هوش محمد شيديءَ تي جنهن نموني تحقيق ٿيڻ جي گھرج هئي اها نه ٿي سگھي آهي، سندن چوڻ موجب سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ هن سورھيه کي سندس قد ڪاٺ موجب مان نه ڏنو ويو آهي. آئون سمجهان ٿو اها شڪايت درست آهي، پر اها به غنيمت آهي ته هوش محمد شيدي بابت ڪجھ نه ڪجھ مواد موجود آهي، ۽ يادگار طور  سندس مزار جوڙائي،  حيدرآباد ۾ هڪ فلائي اوور به سندس نالي منسوب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو هن جنگ ۾ شھادت ماڻيندڙ ٻين ڪونڌرن جي نالن کان به واقف ناهن. ان جو اڻڄاڻائيءَ جو ڪھرو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو؟

مياڻي جي جنگ وقت هڪ ته مير ٽالپر پاڻ ۾ وڙهيل ۽ ورهايل هئا، ٻئي پاسي ڪيترائي مقامي ماڻهو به انگريزن جي جاسوسي ڪري رهيا هئا، تنهن ڪري مير نصير خان، بلوچ سردارن جي هر هر چوڻ باوجود به انگريز سان جنگ لاءِ آماده نه ٿيو ۽ نيپيئر کي معاهدن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو، ٻئي پاسي چارلس نيپيئر کان سواءِ ٻيا انگريز جنرل کيس معاھدن جي پاسداريءَ جو يقين ڏياريندا رهيا. هوڏانهن عام ماڻهن ۽ بلوچ سردارن کي انگريزن تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، تنهن ڪري هو دشمن جو اڳ جھلڻ لاءِ حيدرآباد کان ڪجهھ ميلن جي مفاصلي تي مياڻي جي ماڳ تي گڏ ٿيا، جيڪو هن وقت حيدرآباد ۽ هالا جي وچ ۾ موجود آهي.   جڏهن 17  فيبروري 1943ع تي انگريز فوج حملو ڪيو ته مياڻي جي ماڳ تي انگريز فوج سان مقابلو ڪندڙ سورھين کي سرڪار جو حڪمنامو نه هو بلڪه هو پنهنجي آزاديءَ جي جذبي ۽ آزادي پسند سردارن جي حڪم تي وڙهي رهيا هئا. انگريز ۽ ان جي طرفدار مؤرخن مياڻي جي جنگ ۾ چارلس نيپيئر کي سورمو ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي فوج جو انگ 28 هزار ته ڪٿي  32 هزار لکيو آهي، جڏهن ته انگريز فوج جو انگ ڪٿي 17 سئو ته ڪٿي 28 سئو ڏيکاريو آهي۔32 هزار فوج ته ميرن وٽ ڪڏهن به نه رهي هئي، جڏهن انهن هالاڻي جي جنگ ۾ ڪلھوڙن کان  حڪومت کسي تڏهن سندن گڏيل فوج 5 هزار هئي، 1834ع ۾ کرڙي جي جنگ ۾ شاھ شجاع سان مقابلو ڪندي سمورن ٽالپر حڪمرانن جي گڏيل فوجي طاقت 8 هزار هئي. مياڻي جي جنگ ۾ ته رڳو حيدرآباد جي اوسي پاسي جا سردار شامل هئا، انهن وٽ ايڏي فوجي قوت ڪٿان آئي؟

حقيقت ۾ انگريز فوج تعداد ۾ گهڻي ۽ جديد هٿيارن سان منظم طريقي سان جنگ ڪرڻ آئي هئي، ٻئي پاسي انهن کان تعداد ۾ گهٽ ۽ پراڻن هٿيارن سان تڙ تڪڙ ۾ وطن جي بچاءُ لاءِ گڏ ٿيل سرفروش هئا.  بهرحال هن جنگ ۾ سنڌ کي شڪست ٿي، پر سنڌ جي عام ماڻهن سرفروشيءَ جو مثال قائم ڪيو، ٽالپر،لغاري،پتافي، نظاماڻي، مري، جمالي، باگراڻي، چانگ، جتوئي، رند، لاشاري، ڀرڳڙي، جوکيا، کٽياڻ، خاصخيلي ۽ سادات قبيلن جا پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهو وطن تي سِر قربان ڪري امر ٿيا. مياڻي جي جنگ ۾ مير صوبدار شريڪ نه ٿيو هو، تنهن ڪري ڪن محققن لکيو آهي ته هوشو شيدي به مياڻيءَ جي جنگ ۾ شريڪ نه هو، پر قادر بخش نظاماڻي موجب هوشو شيدي مياڻي جي جنگ ۾ شريڪ هو ۽ سندس والد انهيءَ جنگ ۾ شھيد ٿيو هو.

مياڻيءَ کان پوءِ 24 مارچ 1843ع ۾ حيدرآباد شھر کان ڪجھه ميل جي پنڌ تي ديھ ناريجا ۾ دو آبي واري ماڳ تي مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي فوج ۽ انگريزن وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جي سپاھين هڪ ڀيرو ٻيھر پنهنجو پاڻ مڃايو پر مياڻيءَ جي فتح کان پوءِ انگريز جي فوج نفسياتي طور حاوي ٿي چڪي هئي ۽ مقامي ماڻهن به مان گهڻن انگريزن جو پاسو ٿي ورتو. نيپيئر هن نفسياتي اثر کي ڀرپور طريقي سان پنهنجي فائدي لاءِ ڪتب آندو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي مخبريءَ تي لڳايو. اهڙن مخبرن وسيلي نيپئر دو آبي واري جنگ ۾ ٽالپرن جي بارود خاني کي باھ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن جنگ جو پاسو بدلائي ڇڏيو. بارود خاني کي باھ لڳڻ کان پوءِ سنڌ جي فوج سمجھي چڪي هئي ته هاڻي انگريز کي روڪڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري مير غلام نبي خاناڻي، گوھر خان مري ۽ ٻين مير شير محمد ٽالپر کي ٻي جنگ جي تياري لاءِ دو آبي جي ميدان مان نڪرڻ جي صلاح ڏني، جنهن اتان  نڪري شھداد پور، اڀپور، گھوٽڪي ۽ ٻين علائقن ۾ انگريز جي خلاف گهڻي وقت تائين گوريلا ويڙھ جاري رکي.

دو آبي واري جنگ ۾ بارود خاني کي باھ لڳڻ کان پوءِ به انگريزن کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، سنڌ جا سپاھي بندوقن ۽ ترارن سان آخري وقت تائين مقابلو ڪندا رهيا. شھيد هوش شيدي ’ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون‘ جو نعرو هڻي ميدان ۾ ڪاھي پيو ۽ وطن تان قربان ٿيو.  ” گهڻي عام سپاھ کان سواءِ جيڪي سورھيه ۽ سپھه سالار هن جنگ ۾ آخر دم تائين وڙھندي شھيد ٿيا، سي هي هئا: مير غلام علي خان ماڻڪاڻي ۽ سندس فرزند مير علي خان ماڻڪاڻي، مير عبدالله خان ماڻڪاڻي، گوھر خان مري ٻيراڻي وارو، دائود خان، ڪمال خان مري ٽنڊو آدم، نواب خان ۽ قربان علي خان علياڻي لغاري، هوش محمد شيدي، جعفر خان  ڏاھياڻي مري، فتح علي خان منڌيراڻي مري، مرزو خان بڊاڻي مري، شادمان خان ڪپري، مير بلوچ خان خاناڻي ٽالپر، بالاچ خان ۽ عنايت خان ترڪ، علي بڊاڻي غلام محمد خان ۽ مير صاحب جي ذاتي خدمتگارن مان قيصر قنبراڻي ۽ ٻيا“ (جنگ ناما، 1984ع، ص: 92_391)

مقامي ماڻهن اسان کي  ديھه ناريجا ۾ شھيد هوش محمد شيدي جي مزار کان ڪجهھ مفاصلي تي هڪ ٽاور ڏيکاريو، جنهن تي انگريز فوجين جا نالا لکيل هئا. سندن چوڻ هو ته هي ٽاور هڪ گڏيل قبر مٿان انگريزن يادگار طور جوڙايو هو. انگريزن پنهنجي فوجي آفيسرن ۽ سپاهين کي ڌار ڌار قبرن ۾ پُوري، اعزاز سان دفن ڪرڻ بدران گڏيل قبر ۾ ڇو دفن ڪيو؟ ان مان اها ڳالھ واضح ٿئي ٿي کين سنڌ ۾ سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو، جيڪڏهن هو سولائيءَ سان سنڌ فتح ڪري رهيا هجن ها ته پنهنجي فوجي آفيسرن ۽ سپاهين کي ڌار ڌار دفن ڪري سندن قبرون جوڙائين ها، پر هو ائين نه ڪري سگھيا. جڏهن ته اسان 180 ورهيه گذرڻ باوجود به مياڻي ۽ دو آبي جي شهيدن بابت ڪا مستند تحقيق نه ڪري سگهيا آهيون۔هاڻوڪن چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جُڙي آهي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ ثقافت کاتي جو وزير به ساڳيو آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي نه رڳو شھيد هوش محمد شيديءَ جي مزار جو رهيل ڪم پورو ڪن، بلڪ مياڻي ۽ دو آبي واري جنگين ۾ سنڌ تي سِر ڏيندڙ سُورهين کي مان ڏيڻ لاءِ کوجنا جو ڪم اڳتي وڌائين. سندن زندگي ۽ ڪارنامن جي لڪل گوشن کي عام اڳيان پڌرو ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.