اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي حڪمرانن جي غلط فيصلن ۽ پاليسن جي ڪري سنڌ ۾ رهندڙ 75 سيڪڙو ماڻهو پاڻي جي هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پيپلزپارٽي جا حڪمران ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به مهيا نه ڪري سگهيا آهن، پر اڪثر ڪري دعوى ڪندا ملن ٿا ته اسان سنڌ ۾ کير جون نديون واهي ڇڏيون آهن البته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي لاءِ لپ جي لاءِ اڪثر ڪري دربدر ٿي رهيا آهن .
اسان رڳو مانجھند تعلقي جي ڳالهه ڪيون ته تعلقو قدرتي معدنيات وسيلن سان تمام گھڻو سکيو ستابو آهي مانجھند تعلقي جي هڪ طرف ڪاري سون يعني سوين ڪوئلي جون کاڻيون موجود آهن جن مان روزاني جي بنياد ڪروڙين رپين جو ڪوئلو نڪري ٿو ،رائلٽي به اربن ۾ ٿي رهي آهي پر سنڌ ۾ لاقانونيت هجڻ جي ڪري مقامي ماڻهن جي حقن تي سرعام ٻين ملڪن جا سرمائيندار ڌاڙو هڻي رهيا آهن ۽ ڪاري سون جا مالڪ هن جديد دور ۾ به ڀٿر جي دور جي زندگي گذارين پيا ، رهواسين انساني بنيادي هر سهولت کان محروم آهن تعلقي جي ٻئي پاسي کان سوئي گيس دريافت ٿي آهي وري ان ئي طرف تيل جا به ذخيرا موجود آهن پرڊيڪشن ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي سهولتون ڏيڻ کان به قاصر آهن.
مانجھند تعلقي مان اڪثر ڪري هر اليڪشن ۾ خبر ناهي ڪهڙي ٽڪ سان هميشه پيپلزپارٽي جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيندا رهيا آهن ، هن وقت موجود جنرل اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي جي اميدوار ئي ڪامياب ٿيا آهن اڳ ۾ 3 ڀيرا سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي آهي ان حڪومت دوران ۾ تڪ مان چونڊيل نمائيدا عوام کي ڪي به بنيادي سهولتون ناهن ڏياريون، نه عوام جي مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن کي اپاءُ ورتا آهن جنهن جي ڪري تعلقي جا 200 کان وڌيڪ ڳوٺ شهر اڄ به انساني جياپو پاڻي جي لپ جي لاءِ پريشان آهن ، پاڻي نه هجڻ جي ڪري ڳوٺاڻن ۽ شهرين جي زندگي مفلوج بڻيل آهي .
سنڌ ۾ جيئن عوام کي بنيادي حق ڏيڻ جي لاءِ 1960 ۾ بلدياتي نظام رائج ڪيو ويو هو ، ان نظام تحت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ يونين ڪائونسلون جوڙيون ويون هيون ائين عوام تائين پيئڻ جي صاف پاڻي جي رسائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن مٿان ذميواري وڌي وئي هئي ته پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ڏين پر سنڌين جي اها بدقسمتي آهي جو ماڻهن جي ٽيڪس تي هلندڙ ڪو به سرڪاري کاتو عوام کي پنهنجا بيناد حق ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي ، هر اداري ۾ ڪرپشن جي بازار گرم رهي آهي يونين ڪائونسلن جي بجيٽ ڪامورا ڪاغذن جو پيٽ ڀري هضم ڪري رهيا آهن.
اهڙي طرح پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار به ان ڪرپشن جي الزام کان بچي ناهن سگهيا ، ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ جي لاءِ پبلڪ هيلٿ کاتي کي ڪروڙين رپيا ماهوار ملن ٿا ، پر مانجھند تعلقي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جو سموريون واٽر سپلاءِ اسڪيمون بي لاڀ بڻيل آهن اهي اسڪميون ڪاغذي رڪارڊ ۾ 100 جي اسپيڊ ۾ هلن پيو ۽ ماڻهن تائين پاڻي جي رسد آهي پر جڏهن اسان ڳوٺن شهرن ۾ وڃون ٿا ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ پاسي پورهيت طبقو جيڪو سڄو ڏينهن پنهنجن ٻچن جي لاءِ ماني ٽڪر جي لاءِ پنهنجيون ايڙيون رڳڙيندو رهي ٿو وري جڏهن ٿڪو ٽٽو گھر پهچي ٿو ته ان کي وري ڪلهن تي ڪواٽيون کڻي پاڻي جي تلاش ۾ نڪرڻو پوي ٿو ، اهڙي طرح ڳوٺاڻيون عورتون به مٿي تي دلا مٽ کڻي 3 کان 5 ڪلوميٽر روزانو سفر ڪري ڍنڊن ڊورن واهن شاخن مان پاڻي ڀرين ٿيون ، ته ڳوٺن شهرن ۾ رهندڙ ٻار به اسڪول وڃڻ بدران پنهنجي سگهه آهر ڪو نه ڪو ٿانو کڻي حڪمرانن ۽ ڪامورن جي بي حسي تي ماتم ڪندا نظر اچن ٿا جيڪي منظر ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي ، پر هنن ظالم حڪمرانن ۽ بي رحم ڪامورن کي عوام تي ڪو به ڪياس نه ٿو اچي چونڊيل نمائندا ڪامورا رڳو عياشيون ڪرڻ تائين پورا آهن ،۽ پنهنجي ايئرڪنڊيشنر بنگلن ۾ گھري ننڊ ۾ ستل آهن ، انهن نام نهاد حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ڪن مهٽ ڪري جاڳائڻ جي لاءِ اڪثر ڪري تعلقي جا ماڻهو روڊن تي ايندا رهندا آهن عوام جي ڀرپور احتجاجن کانپوءِ ڪجھه وقت جي لاءِ انهن جي ننڊ ڦٽي ٿي حڪمران پنهنجي رکرايل ڪامورن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪن ٿا ، وري ماحول ٿڌو ٿي وڃڻ کانپوءِ اهي حڪمران ۽ ڪامورا گم ٿي ويندا آهن ، عوام جا ساڳيو پاڻي جي لاءِ دربدر ٿيندو رهي ٿو.
هن وقت به تعلقي جي سمورن ڳوٺن ۾ پاڻي جو وڏو بحران آهي ايتري قدر جو ميت کي غسل ڏيڻ جي لاءِ به ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پاڻي ڍڪ ناهي ، پاڻي جو بحران هجڻ سبب انسان جانور توڙي هر جهنگلي جيوت اڃ وگھي مري رهيا آهن ، ان جي ڪري پاڻي جي مستبقل حل جي لاءِ هڪ منظم متحرڪ تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي ،اهڙي تحريڪ جيڪا حڪمرانن جي ڪوڙن واعدن ڪامورن جي جالبازين ۾ اچڻ بدران پاڻي جي حاصلات تائين جاري هجي ۽ نااهلي عياش حڪمرانن کان پنهنجا حق ڇني وٺي.