مائننگ بابت پاليسي ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي: سردار شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي مائنز اينڊ منرلز واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه  معدنيات بابت پروفائيل اسٽڊي جي هدايت ڪندي  چيو آهي ته منرلز جي ايڪسپلوريشن ونگ کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، اهڙو اظهار هن ڪالهه  سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مائنز اينڊ منرل آفيس جو دوري ۽ کاتي جي ڪارڪردگي بابت  تعارفي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري مائنز اينڊ منرل طاهر حسين سانگي، ڊائريڪٽر جنرل نثار احمد شيخ، چيف انسپيڪٽر مائنز سيد محمد وسيم، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن عاطف وگهيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ مائننگ ۽ معدنيات جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي  صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ جي عوام کي صوبي مان ملندڙ معدني وسيلن مان وڌ ۾ وڌ فائدو ملڻ گهرجي، مائننگ بابت پاليسي ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، صوبي ۾ غيرقانوني مائننگ جي سلسلي ۾ نگراني ۽ ان کي روڪڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ لازمي آھي، صوبي ۾ محفوظ مائننگ بابت آگاهي پڻ ڏني وڃي، سردار شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هي کاتو 2001ع ۾ نيشنل منرل پاليسي تحت قائم ڪيو ويو. کاتي جي مينڊيٽ ۾ معدنيات جي ترقي، مائننگ جا لائسنس ۽ پرمٽ، مائننگ جي سرگرمين جي نگراني ۽ رائلٽيز وٺڻ شامل آهي. جڏهن ته مائنز اينڊ منرل ڊپارٽمينٽ کي نيشنل منرل پاليسي 2013، سنڌ مائنز اينڊ منرل گورننس ايڪٽ 2021، سنڌ مائنز اينڊ منرل گورننس رول 2023 تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي. مائنز اينڊ منرلز جي حوالي سان قانون ۽ پاليسي تي عملدرآمد لاءِ 8 ميمبرن واري ڪميٽي نگراني جي ذميوار آهي. صوبي مان نڪرندڙ معدنيات تي آمدنيءَ جو 20 سيڪڙو حصو رائلٽي طور سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ مليل معدنيات ۾ ريتي بجری، لائم اسٽون، آرڊنري اسٽون، ماربل، سيلسٽائل، فلرز ارٿ ، ارٿ فائر ، فائر ڪلي، چائنا ڪلي شامل آهن. ان کان علاوه سليڪا سينڊ، ڊولومائيٽ، ليٽرائٽ، ريڊ آرڪي، ليڪ سالٽ، گرينائيٽ، بينٽونائيٽ، چاڪ، جپسم، فلنٽ، شيلي ڪلي، ٽرونا، بوڪ سائٽ آئرن، ڪلي، گراويل، آئرن ۽ ڪوئلو، مورم، ڪوارٽزائٽ سينڊ اسٽون جي مائننگ ڪئي ويندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.