ٿرڪول بلاڪ ون انرجي پراجيڪٽ هزارين مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيندو:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٿرڪول بلاڪ ون انرجي پروجيڪٽ هزارين مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سندن توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ پاور جي چيئرمين مينگ ڊونگهي جي اڳواڻي ۾ وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪامل حيدر شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وفد توانائي واري وزير کي ٻڌايو ته سندس پاور جنريشن ڪمپني 9 ارب رپين جي لاڳت سان ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪري رهي آهي پر ان منصوبي کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪجهه رڪاوٽون آهن جن کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن رڪاوٽن ۾ پراجيڪٽ لاءِ واٽر سپلاءِ ۽ مقامي ماڻهن کان خريد ڪيل منصوبي جي زمين تي قبضو ڪرڻ شامل آهن، جنهن ۾ زمين جي قيمت ۽ روزگار جا موقعا ڏيڻ سميت سندن سمورا مطالبا پورا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سمورن مطالبن باوجود زمين خالي نه ڪرائي پئي وڃي. پاڻي جي فراهمي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ پاڻي وسيلن جي کاتي کان سموري ٽيڪنيڪل اسٽڊيز تيار آهن ڪمپني وٽ فنڊز جو ڪو مسئلو ناهي، وفد چيو ته ڪمپني جو چيئرمين ۽ اعليٰ سطحي انتظاميا جلد سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندا، توانائي واري وزير وفد کي پنهنجي ۽ حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ جو يقين ڏياريو. ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو ويزن آهي ته عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ ۽ صوبي جي عوام جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن، ان ڪري هي منصوبو انتهائي اهم آهي. عوام کي سولرائزيشن ذريعي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ به چيئرمين جي منشور ۽ ويزن جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.