اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ هلندڙ سياسي سرگرمين ۾ اليڪشن کانپوءِ به ماٺار ناهي آئي، سخت مخالف هڪٻئي جي ويجهو اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۾ سخت اختلاف سامھون اچي ويا آهن. نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي جي وي لاگ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته وزير اعظم شهباز شريف ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۾ برف ڳرڻ لڳي آهي، ٻنهي ۾ تازو ٿيل ملاقات ۾ ڪجهه معاملن ۾ اتفاق ٿيو آهي، ٻنهي سياسي پختگيءَ جو مظاهرو ڪندي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. تجزيه ڪارن موجب ملاقات ڪامياب وئي ۽ شهباز شريف علي امين کان متاثر نظر آيو ۽ هن سندس پٺي به ٺپي. علي امين گنڊاپور راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ٻيون به اهم ملاقاتون ڪيون آهن. ٻئي طرف پي ٽي آءِ ۾ اختلافن جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ شير افضل مروت ۽ شعيب شاهين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي هڪٻئي تي الزام لڳايا، جڏهن ته لطيف کوسه ۽ سلمان اڪرم راجا پڻ هڪٻئي کان ناراض ٿي الزام هڻندا رهيا. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين سان به پي ٽي آءِ اڳواڻ ان ڳالهه تي وڙهي پيا ته "توهان وزيراعظم ۽ ٻين سان ملاقاتن لاءِ اڪيلا ڇو ويا”؟ جنهن تي هن وضاحتون ڏنيون. تجزيه نگارن مطابق اڊيالا جيل ۾ قيد شخص پنهنجي هوڏ ڇڏي ۽ علي امين گنڊاپور واري واٽ نه ورتي ته ان جو حشر به ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين وانگر ٿيندو. هڪ ٻئي وي لاگر محمد صديق انظر به پي ٽي آءِ ۾ اختلافن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس اندر شير افضل مروت خلاف ڪيترائي پي ٽي آءِ اڳواڻ گرم رهيا، ڪيترائي اڳواڻ هڪٻئي سان هٿين پئجي ويا ۽ ڪجهه ماڻهو اجلاس ڇڏي هليا ويا، جنهن جي ڪري سينيٽ اميدوارن جي سلسلي ۾ گهرايل اجلاس ناڪام ٿي ويو. ان سان گڏوگڏ سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻ حامد رضا به پي ٽي آءِ جي فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪيو. پي ٽي آءِ پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پارٽي اڃا ڏچي ۾ پئجي وئي آهي. هوڏانهن پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي کٽيل 20 تڪن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان به پارٽي اندر ڳڻتيءَ جي لهر ڇانيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ لاءِ ڏچا وڌندي نظر اچن ٿا.
-
پي ٽي آءِ وارا ٻاهر وڙهڻ بدران مسئلا گهرن ۾ حل ڪن: صاحبزاده حامد رضا
پشاور( م ڊ) صاحبزاده حامد رضا پي ٽي آءِ جا دوست، بهتر آهي ته مسئلا گهرن ۾ ويهي مسئلا حل ڪن، سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا دوست گهرن ۾ ويهي مسئلا حل ڪن ته بهتر آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ صاحبزاده حامد رضا چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو فيصلو باني پي ٽي آءِ ڪيو هو، منهنجي طرفان ڪا به درخواست نه هئي. هن چيو ته چونڊ نشان کان وٺي مخصوص سيٽن تائين مون وٽ گهڻو ڪجهه ٻڌائڻو آهي، جيڪڏهن مان ٽاڪ شوز ۾ ڪجهه چوندس ته ڪيترائي ماڻهو ظاهر نه ٿيندا. صاحبزاده حامد رضا چيو ته منهنجي وابستگي باني پي ٽي آءِ سان آهي ۽ هميشه رهندي.
-
پي ٽي آءِ ترجمان مخصوص سيٽون نه ملڻ جو ذميوار وڪيلن کي قرار ڏئي ڇڏيو
پشاور( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخواهه ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا.پي ٽي آءِ ترجمان معظم بٽ پارٽي جي سينيئر وڪيل قاضي انور ايڊووڪيٽ تي مخصوص سيٽون نه ملڻ جو الزام هنيو.پي ٽي آءِ ترجمان معظم بٽ چيو ته اسان جي وڪيلن جو مخصوص سيٽن جو فارمولو درست نه هو، ٻي صورت ۾ ائين ٿي نٿو سگهي جو اسان کي مخصوص سيٽون نه ملن ها، هن چيو ته مخصوص سيٽون نه ملڻ جا ذميوار قاضي انور ۽ مشعال يوسفزئي آهن، هن چيو ته مشال يوسفزئي سڀني جي استاد بڻجي وئي آهي ۽ اهڙي ڪم مان نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا آهن، واضح رهي ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون.
-
اسرائيلي فنڊنگ سان هلندڙ پي ٽي آءِ کلي نموني سامهون اچي وئي:شازيه مري
اسلام آباد( م ڊ) پيپلزپارٽي پارلياماني پارٽي جي ترجمان شازيه مري غزا بابت ٺهراءُ تي سني اتحاد ڪائونسل جي ”نه نه“ جي نعري کي شرمناڪ قرار ڏنو.شازيه مري چيو ته پي ٽي آءِ جي ناڪاري سوچ سامهون اچي رهي آهي، غزا بابت قرارداد تي سني اتحاد ڪائونسل جا نعرا شرمناڪ آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ هجي يا سني اتحاد ڪائونسل کي غزه مسئلي تي سنجيده ٿيڻ گهرجي، سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ کي اسرائيلي فنڊنگ آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ غزا ۾ نسل ڪشي بابت ٺهراءُ خلاف کليل نموني سامهون آئي آهي، پي ٽي آءِ شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل بابت قرارداد جي به مخالفت ڪئي.ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ غزه ۾ اسرائيلي بربريت جي مذمت لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته غزه ۾ جنگ بندي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏنو وڃي، اها قرارداد ايوان ۾ شازيه مري پيش ڪئي هئي.
-
پي ٽي آءِ طرفان شهيد ڀٽو بابت ٺهراءُ جي مخالفت افسوسناڪ آهي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ غزه بابت ٺهراءُ جي مخالفت ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي حوالي سان ٺهراءُ جي پي ٽي آءِ پاران مخالفت افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳي آهي، شهيد ذوالفقار ڀٽو پاڪستان جو محسن آهي، پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪ کي ايمٽي قوت بنائڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿي ته اسرائيل کي به ڏک ٿيو هو، هاڻي پي ٽي آءِ اسرائيل سان نمڪ حلالي ڪري رهي آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران ملڪ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي قدم ثابت ڪن ٿا ته پي ٽي آءِ واران ڪنهن جي اشارن تي هلي رهيا آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو رويو جمهوريت جي قدرن ۽ دنيا جي مظلوم عوام سان يڪجهتي کي نقصان پهچائي ٿو. پي ٽي آءِ جي مخالفت مان لڳي ٿو ته ان کي فلسطين جي مسلمانن سان ڪا به همدردي ناهي.هن وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو پي ٽي آءِ ظلم ۽ تشدد کي منهن ڏيندڙ معصوم فلسطيني شهرين جي حالت تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ۽ پي ٽي آءِ به غزه بابت ٺهراءُ جي مخالفت ڪري هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪئي آهي.
-
عمران خان جيل ۾ ويھي حڪومت ھلائڻ جو خواھشمند
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ خيبر پختو خواھه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۾ اختلاف وڌڻ لڳا، ذريعن موجب علي امين گنڊا پور جي وزيراعظم شھباز شريف سان ملاقات ۽ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ واري بيان کانپوءِ عمران خان مٿس ڪاوڙجي پيو، عمران خان وفاقي حڪومت سان ڇڪتاڻ چاھي ٿو ۽ ھو جيل ۾ ويھي خيبر پختو خواھه جي حڪومت کي پنھنجي مرضي موجب ھلائڻ جو خواھشمند پڻ آھي جيڪو آءِ جي خيبر پختون خواھه ۽ ٻين عملدارن کي ھٽائڻ جون وڏي وزير کي ھدايتون جاري ڪري چڪو آھي، جنھن تي عمل ڪرڻ بظاھر ايڏو آسان نظر نٿو اچي، سينيئر تجزئي نگارن عمران خان اھڙي عمل کي پنھنجي ئي حڪومت خلاف سازش قرار ڏنو آھي.